| موسيقي جي دنيا۾ رڳو پنهنجانوازي هلي ٿي: حميرا چنا |
لاهور(ڪلچرل ڊيسڪ) سنڌ ڄائي پلي بيڪ سنگر حميره چنا پاڪستاني موسيقي جي صنعت ۾ پنهنجانوازي وارن روين تي سخت تنقيد ڪئي آهي. تازي پوڊ ڪاسٽ ۾ هن چيو ته موسيقي جي صنعت ۾ اقربا پروري ايتري حد تائين وڌي وئي آهي جو موقعا ڪجهه مخصوص فنڪارن تائين محدود ٿي ويا آهن، جڏهن ته تجربيڪار گلوڪارن کي مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي. ڪجهه نالن کي بار بار نوازڻ ۽ سينيئر فنڪارن کي پس منظر ۾ ڌڪيو ويندو آهي. هن اعتراف ڪيو ته هن پاڻ به اهڙن روين کي منهن ڏنو آهي، اهڙي صورتحال افسوسناڪ آهي، هن چيو ته ضروري آهي ته انڊسٽري سڀني فنڪارن کي گڏ کڻي هلي ۽ حقيقي صلاحيتن کي ترجيح ڏئي. مون کي اڪثر چيو ويندو آهي ته توهان ليجنڊ آهيو پر ڪير اهو ناهي سوچيندو ته انهن ليجنڊ وٽ به ڪم آهي يا نه؟ جڏهن ڪو فنڪار هن دنيا مان هليو ويندو آهي، ته هر ڪو چوي ٿو ته جيڪڏهن هو زنده هجي ها ته کيس فلاڻو گيت ڏنو وڃي ها يا جڏهن ڪو فنڪار پرڏيهه مان واپس ايندو آهي ته کيس اوچتو اسٽار بڻايو ويندو آهي. ياد رهي ته حميرا چنا 90 جي ڏهاڪي ۾ فلمي گيتن ذريعي وڏي شهرت حاصل ڪئي، هن نگار ايوارڊ کٽيو آهي