| موسيقي ۾ وڏو خال آهي، هاڻ معشوق اچي ويو آهي: سردار شاهه |
حيدرآباد: تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه چيو آهي ته اسان جي موسيقي ۾ به وڏو خال موجود آهي، ھاڻ ڄام معشوق شر اچي ويو آهي ۽ ان تي ھزارن جي نوٽ جي گھور ٿي رھي آھي، معشوق معصوم آھي ان ۾ ڏوھ اسان جي راڳين ۽ موسيقارن جو آھي، انھن جديد ڊجيٽل دور ۾ راڳ کي منتقل ڪرڻ لاء ڇا ڪيو آھي؟ اھڙي ڳالھ ڪندس ته فنڪار مون تي ڪاوڙجي پوندا پر حقيقت اھا آھي ته اسان جي فنڪارن ۽ موسيقارن کي جديد ڊجيٽل دور ۾ پاڻ کي منتقل ڪرڻو پوندو ۽ نوان آڻڻي پوندي. ھن چيو ته اسان جي شيخ اياز جي شاعري ۽ ادب دنيا تائين پھچائڻ جي ضرورت آھي.