| موقف تان هڪ انچ پوئتي نه هٽندس، شهادت لاءِ تيار آهيان، انصاف جا سڀ رستا بند ٿي ويا، عوام رستن تي اچي: عمران |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) باني تحريڪ انصاف عمران خان چيو آهي ته هو پنهنجي موقف کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽندو، يا ته عوام جي آزادي وٺي رهندس يا شهادت لاءِ تيار آهيان۔ اسلام آباد خيبر پختونخواهه هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو ته اسان جي وڪيلن مطابق باني پي ٽي آءِ کي اڪيلائي واري قيد ۾ رکيو ويو آهي۔ ٻين ٽرائلن بابت هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب خاندان کي به ڪورٽ روم تائين رسائي نه هوندي، جج ڪيترائي ميل پري وڊيو لنڪ ذريعي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو. سلمان اڪرم راجا چيو ته عدالتي حڪم موجود آهن جن ۾ باني پي ٽي آءِ کي منصفاڻو ۽ کليل ٽرائل ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي، پر باني پي ٽي آءِ سان اڱاري ۽ خميس وارن ڏينهن ۾ ملاقات به بند ڪئي وئي آهي۔ حڪومتي ترجمانن جو اهو چوڻ ته عمران خان کي ملاقاتن جي اجازت آهي، سراسر ڪوڙ آهي۔ باني پي ٽي آءِ اڄ چيو آهي ته عوام کي پنهنجي حق لاءِ بيهڻو پوندو۔ سلمان اڪرم راجا مطابق باني تحريڪ انصاف چيو آهي ته انصاف جا سڀ دروازا بند ڪيا ويا آهن، عدالتن ۾ باني پي ٽي آءِ جا ڪيس نه ٻڌا پيا وڃن ۽ عدالتي دروازا بند ٿي چڪا آهن۔ باني پي ٽي آءِ جو پيغام آهي ته هاڻي عوام روڊن تي نڪري آواز بلند ڪري، ڇو ته احتجاج کانسواءِ ٻيو ڪو به آپشن باقي نه رهيو آهي۔ باني پي ٽي آءِ جو پيغام آهي ته عوام پنهنجن حقن لاءِ نڪري ۽ هو سڀني قيدين، خاص طور عورتن سان گڏ آهي۔سلمان اڪرم راجا چيو ته اسان پنهنجي حقن جي مطالبي کان پوئتي نه هٽنداسين۔اڄ باني پي ٽي آءِ جي وڪيل سلمان صفدر سان مختصر ملاقات ٿي۔ هن ٻڌايو ته جڏهن فيصلو ٻڌايو پئي ويو، تڏهن نه باني پي ٽي آءِ کي پيش ڪيو ويو ۽ نه ئي اُن جو وڪيل موجود هيو. باني پي ٽي آءِ چيو آهي ته هو پنهنجي موقف کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽندو۔ يا ته عوام جي آزادي وٺي رهندس يا شهادت لاءِ تيار آهيان۔ باني پي ٽي آءِ جو پيغام آهي ته اسٽريٽ موومينٽ جي تياري شروع ڪئي وڃي، ڇو ته هاڻي اسان وٽ ٻيو ڪو به آپشن ناهي، هن چيو آهي ته ڪي پي جو وڏو وزير تياري ڪري، اڳتي نڪري ايوانن ۾ اچڻو پوندو