مولانا ادريس جي هڪ قاتل جي سڃاڻپ، افغانستان سان واسطو

مولانا ادريس جي هڪ قاتل جي سڃاڻپ، افغانستان سان واسطو

ڪراچي (م ڊ) جي يو آءِ جي اڳوڻي خيبرپختونخواهه اسيمبلي ميمبر مولانا محمد ادريس کي شهيد ڪندڙ جوابدارن جون تصويرون ملي ويون مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. گذريل ڏينهن چارسده ۾ نامعلوم ماڻهن هٿان قتل ڪيل مولانا محمد ادريس جي ڪيس ۾ جاچ اختيارين سيف سٽي ڪيمرائن جي مدد سان ڏوهارين جون تصويرون حاصل ڪري ورتيون، ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث 4 مان هڪ دهشتگرد جي سڃاڻپ به ڪئي وئي آهي. شروعاتي جاچ موجب مولانا ادريس جي قتل جو منصوبو افغانستان ۾ ٺاهيو ويو، دهشتگرد جو تعلق افغانستان سان آهي، انهي جي مڪمل نيٽ ورڪ جو پتو لڳايو پيو وڃي. ڌ قتل جي ذميواري پابندي مڙهيل داعش قبول ڪئي آهي، جڏهن ته القاعده برصغير ​​۽ تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) حملي جي مذمت ڪئي آهي ۽ ان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. حملي خلاف چارسده، ٽانڪ، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت مختلف علائقن ۾ احتجاج ڪيو ويو. چارسده ۾ احتجاجي مظاهري ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي. چارسده ۾ فاروق اعظم چوڪ تي احتجاج ڪيو ويو، جنهن ۾ مولانا گوهر شاهه ۽ ٻين اڳواڻن تقرير ڪئي ۽ مولانا ادريس جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو.