مولانا ادريس قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي، 7 اهم گرفتاريون

مولانا ادريس قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي، 7 اهم گرفتاريون

پشاور (م ڊ) ڪجهه ڏينهن اڳ قاتلاڻي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جي يو آءِ جي اڳوڻي ميمبر اسيمبلي مولانا ادريس قتل ڪيس ۾ 7 اهم گرفتاريون عمل ۾ آنديون ويون آهن. تحقيقاتي اختيارين طرفان ٻڌايو ويو آهي ته 7 اهم جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي مردان ريجن مان گرفتار ڪيا ويا آهن جن کان جاچ ڪئي پئي وڃي. اختيارين اهو به ٻڌايو ته پشاور چارسده ۽ نوشهرا جي مختلف علائقن ۾ جيو فينسنگ جو عمل به جاري آهي جڏهن ته هڪ مبينا ٽارگيٽ ڪلر جي چارسده مان فرار ٿيڻ جي وڊيو جو به جائزو ورتو پيو وڃي. واضح رهي ته چارسده ۾ 5 مئي تي نامعلوم دهشتگردن نامور عالم دين مولانا شيخ ادريس کي فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو هو.