مولانا سان ٿيل ڳالهيون قبر تائين وينديون پر نه ٻڌائيندس: شهباز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران وزيراعظم شهبازشريف ۽ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان وچ ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ، وزيراعظم چيو ته مولانا سان ٿيل ڳالهيون قبر تائين گڏ وينديون، مان ڪڏهن به نه ٻڌائيندس، مولانا فضل الرحمان چيو ته وزيراعظم سان اڪيلائپ ۾ ڪا ڳالهه ڪئي آهي ته اجازت ڏيان ٿو، ايوان کي ٻڌائي، وزيراعظم شهباز شريف جواب ڏيندي چيو ته مولانا جي آڇ ان ڪري قبول نه ٿو ڪريان ته پوءِ معاملا ايترا پري هليا ويندا، وري معمول تي نه اچي سگهندا