| مولانا فضل الرحمان ۽ پير پاڳاري ۾ پ پ مخالف اتحاد کي مضبوط ڪرڻ تي اتفاق |
ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) جي يو آءِ سربراھ مولانا فضل الرحمان جي راجا ھائوس آمد، سنڌ ۾ پ پ مخالف اتحاد کي مضبوط ڪرڻ جو فيصلو، ان ڏس ۾ ڪالھ مولانا فضل الرحمان راجا ھائوس پھچي جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري سان ملاقات ڪئي، مولانا جي آمد وقت سيد راشد شاھ راشدي ۽ معظم عباسي سندس استقبال ڪيو، جڏهن ته ملاقات دوران جي يو آءَ اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود ھئا، ذريعن موجب ملاقات دوران سنڌ سميت ملڪي صورتحال تي گفتگو ٿي، ملاقات ۾ سنڌ ۾ جي ڊي اي ۽ جي يو آءِ پاران گڏيل حڪمت عملي تحت سنڌ سرڪار کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. هوڏانهن جي ڊي اي ترجمان موجب ملاقات ۾ جي يو آء قيادت پاران سکر ۾ ڪوٺايل امن ڪانفرنس ۾ جي ڊي اي قيادت کي شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي. ملاقات ۾ سنڌ سميت سڄي ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ منشيات فروشي تي پڻ ڳڻتي جو اظھار ڪيو ويو.