Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_m9bqvfgoc0fdmouuec1smfovj3, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
مولوين جا ٻه قسم ڪيئن پيدا ٿيا؟؟ ... مبارڪ علي /عذير عابد - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar مولوين جا ٻه قسم ڪيئن پيدا ٿيا؟؟ ... مبارڪ علي /عذير عابد - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

مولوين جا ٻه قسم ڪيئن پيدا ٿيا؟؟ … مبارڪ علي /عذير عابد

ھندستان ۾ مسلمان حڪومت جي قيام کانپوءِ مولوين غيرجھموري بادشاھت سان پرچاءُ ڪيو ته جيئن ھو شرعي سماج جون پاڙون پختيون ڪري سگھن رياست جي ادارن جي مدد سان ـ ٻي طرف حڪمرانن پنهنجي مدد حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ پنهنجي حڪمت عملين کي جائز قرار ڏيارڻ لاءِ مولوين کي وڏن عھدن تي مقرر ڪري رياستي نظام جو حصو بڻايو، مولوين ۽ مذھبي عالمن جي معاشي مدد لاءِ انھن کي خاص جاگيرون ڏنيون ويون جنهن کي مدد مسيحا چيو ويو ـ ھنن ڪرم نوازين سبب مولوين حڪمرانن جي ھر عمل کي سچو ڪوٺڻ شروع ڪيو ۽ عوام کي رياست ۽ حڪومت جي پاڪيزگي بابت ٻڌائڻ لڳا ـ سياسي وڳوڙن سبب مغلن جو زوال ٿيو جنھن ڪري مولوين جو رتبو تمام گھڻو متاثر ٿيو ڇو ته سندن وظيفا ۽ انعام اڪرام بند ٿي ويا ھئا تمام گھڻا مولوي بيروزگار بڻجي ويا ھئا، انھن مان ڪن قدھ جي ننڍڙي مسلمان رياست ۾ پنهنجي قسمت آزمائي ته ڪي وري ايسٽ انڊيا ڪمپني جا ملازم بڻيا، اھي جيڪي نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا تن چندي جي معاشي مدد سان مدرسا قائم ڪيا، جاگيردارن ۽ مٿين طبقي طرفان چندو فراھم ڪيو پئي ويو جن جي مدد کانسواءِ مدرسا ھلائڻ ناممڪن ھئا نتيجي طور مولوين شاھي خاندانن جي مفادن جي حفاظت پئي ڪئي.
1857ع ۾ ھندستانين جي شڪست کانپوءِ انگريز راڄ ھندستان ۾ پير پختا ڪري ورتا، ساڳي ئي وقت يورپ کان متاثر ھندستانين پنهنجي سياسي حقن لاءِ حڪومت خلاف جدوجھد جاري رکي. مسلمان دنيا ۾ سياسي اختيار ڪنهن وٽ نه ھو، ان خلا کي ڀرڻ لاءِ مولوين مذھبي اختيارن جو استعمال ڪندي رھبر وارو ڪردار ادا ڪيو، ديوبند، فرنگي مال، نادتل علما ۽ مظھرالعلما جھڙا ادار مذھبي تعليم لاءِ منظم ڪيائون، ننڍن فرقن جي مختلف گروھن آمدني ۽ اختيار ذريعي لاءِ مدرسـن ۽ مذھبي تنظيمن جو قيام عمل ۾ آندو ـ ان دور ۾ ٻن قسمن جا مدرسا وڌيڪ ھئا، پھريان اھي جيڪي اعليٰ تعليم لاءِ ھئا انھن مدرسن اھي مولوي پيدا ڪيا جيڪي روايتي مذھبي تعليم ۾ پڙ ھيا جيڪي فقھ جي روشني ۾ مسلمان دنيا جا مسئلا حل ڪري پئي سگھيا ـ ڊگري حاصل ڪندڙ (فقھ التحاصل ) مولوي سڄي ھندستان ۾ پکڙيا، امام ۽ خطاب جو عھدو سنڀالي مسجد اندر ‘قرآني اسڪول ‘ جي سربراھي ڪرڻ لڳا. صرف بنيادي اسلامي تعليم لاءِ مسجد مدرسا ھئا جن ۾ صرف غريبن جا ٻار پڙھندا ھئا، شاھوڪار مسلمان گھراڻن پنهنجي ٻارن کي گھر ۾ تعليم ڏيڻ کي وڌيڪ اوليت ڏني ـ وڌيڪ تعليم يافتا پڙھيو لکيو طبقو ۽ گھٽ پڙھيل ھيٺيون طبقو، مولوي ٻن مختلف طبقن ۾ ورهائجي ويا مولوين جو ھڪڙو طبقو معاشي طرح شاھوڪار رھيو ڇاڪاڻ ته انھن کي باقائدا پگھارون ۽ چندا ملندا رھيا جڏھن ته ٻيو ھيٺيون طبقو ماڻھن جي سخاوت تي پليو پئي ,سماج ۾ انھن جو رتبو به ننڍڙو ھو ,ماڻھن انھن جي عزت ڪرڻ بدران نفرت پئي ڪئي ـ عام ماڻھن جي انھن تائيـن آساني سان رسائي ھئي تنهنڪري ھر مذھبي معاملي ۾ غريب ۽ اڻ پڙھيل ماڻھن انھن سان رابطو پئي ڪيو ـ
پنهنجو اثر رسوخ برقرار رکڻ لاءِ انھن جمعي جا خطبا ڏيڻ شروع ڪيا ـ عام ماڻھن بنا سمجھڻ جي سندن خطبا احترام سان پئي ٻڌا ـ مولوين جي انھن ٻن طبقن مختلف وقتن ۾ مختلف ڪردرا ادا ڪيا ـ مٿين طبقي جو واسطو شاھي خاندانن ۽ جاگيردارن سان ھو ,انھن سماج ۾ اسٽيٽسڪو جيئن جو تيئن برقرار رکڻ لاءِ ڪم ڪيو جڏھن ته ھيٺين طبقي ڄم ,شادي ۽ موت جي مختلف موقعن تي رسمون پئي ادا ڪيون، مولوين جو مٿيون طبقو عوام کان مڪمل طرح ڪٽجي حڪمرانن لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو، ھيٺين طبقي عوام جي ضرورتن جو پورائو ڪندي غريبن لاءِ ڪم ڪيوـ اھڙي طرح ٻنھي طبقن مسلمان دنيا ۾ مختلف ڪردرا ادا ڪندي پنهنجي اھميت برقرار رکي ـ

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *