تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

مولوين جي جماعت … مبارڪ علي /عذير عابد

عام ماڻھن توڙي عالمن ۾ ھڪڙو غلط مفروضو ڏٺو ويو آھي اھو ھي ته سمجھو وڃي ٿو :اسلام ۾ مولوين لاءِ الڳ جماعت ڪونھي جيئن ٻين مختلف مذھبن ۾ آھي ـ مسلمان سماج ۾ مولوين ۽ مذھبي عالمن جي الڳ ۽ مختلف ٽولن کي ڏسڻ بنا ان مفروضي کي بنا تحقيق ڪرڻ جي قبول ڪيو وڃي ٿو، مولوين جو اھو طبقو ڪيئن قائم ٿيو ۽ پنهنجي اھميت وڌائي مذھب جي تشريح جي ذميواري پنهنجي سر کڻي ڪيئن وڌيو ويجھيو؟ ڪنھن به مذھب جي شروعات ۾ درس تدريس بيحد سادي ھجي ٿي، ھر فرد ان کي پنهنجو پاڻ سمجھي ايماندراڻي طريقي سان ان تي عمل پيرا ٿي سگھي ٿو.آھستي آھستي سماج وڌيڪ پيچيدھ ٿيندو وڃي ٿو جڏھن مذھب ھر طرف پنھنجا پر پکيڙي، قومن جي مقامي عقيدن، ريتن ۽ رسمن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ٿو،نوان معاملا ۽ گھرجون اسانجي زندگي کي تبديل ڪن ٿيون جڏھن انساني سماج سادگي کان پيچيدگي ڏانھن وڌي ٿو، انھن مرحلن مان گذرندي منفي يا مثبت طريقي سان رڪاوٽن کي ٽوڙي تبديلي جي مرحلن مان گذري ان تبديلي جي رخ مطابق مذھبي ريتن رسمن کي مولوين جي ضرورت پوي ٿي ـ
دنيا جي مڙني مذھبن ۾ مولوين جو طبقو تڏھن نظر ايندو آھي جڏھن مذھب پيچيدھ ٿي ويندو آھي ـ اھا پيچيدگي مولوين کي پنهنجي ھڪ ھٽي قائم ڪرڻ ۽ مذھبي علمن جون تشريحون ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪري ٿي. اھو ساڳيو طريقيڪار اسلام ۾ به رھيو، شروعاتي دور ۾ ديني معاملا سادا ھئا جيڪي ھر مسلمان جي سمجھڻ وٽان ھئا، فتوحات ۽ فتح ٿيل ملڪن جي عوام منجهه مذھب جي تبديلي عرب جي قبائلي سماج کي گھڻو رخو جاگيرداڻو سماج بڻائي ڇڏيو، باوجود ان جي اسلام قبول ڪندڙ ماڻھن پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي کي برقرار رھڻ ڏنو، اميه ۽ عباسي شھنشاھتن انتظامي معاملن ۾ پارسي طريقڪار کي اپنايو . دنياوي (سيڪيولر ) طور طريقا ايترا ته پکڙيل ھئا جو مذھبي اجازتن جي ضرورت ئي محسوس ڪون پئي ٿئي تنهنڪري ان نون معاملن کي حل ڪندي سماجي ۽ معاشي سوالن کي جوابيندي مولوين جو پيشورانا طبقو نمودار ٿيو مسلمان سماج جي اصلاح لاءِ انهن پنهنجي سڄي زندگي قرآن، تفسير، حديث ۽ فقھ جي علم لاءِ وقف ڪئي تنهن کانپوءِ انھن کي فتوا ڏيڻ جو اختيار ملي ٿي ويو تنهن سبب عام ماڻھن مولوين طرف ڏسڻ ۽ واجھائڻ شروع ڪيو جڏھن به شادي، طلاق، ورثي جي معاملن ۾ ڪي مونجھارا پيدا ٿيا، ايسيتائين جو تمام ننڍڙن معاملـن بابت به :
کائڻ ڪيئن گھرجي ؟؟
پوشاڪ ڪيئن پھرڻ گھرجي ؟؟
وھنجھڻ جو طريقيڪار ڇا ھئڻ گھرجي ؟؟
مسلمان حڪمرانن انتظامي معاملن ۾ مذھبي مونجھارن جي حل لاءِ قاضي، مفتي ۽ صدر مقرر ڪيا انھن مولوين جو اثر وڌيڪ زور تڏھن وٺي ويو جڏھن غيرعربن منجھان، ترڪن ۽ پارسن بادشاھتون قائم ڪيون ھي طبقو عربي ٻولي جو سٺو ڄاڻو ھو، مذھبي تعليم عربي ۾ ھئڻ سبب مذھبي علم جو محافظ بڻجي حديث ۽ فقھ جون تشريحون ڪري فتوائون جاري ڪرڻ لڳو، مذھبي تعليمات جي حاصلات لاءِ سموري مسلمان دنيا ۾ مدرسا قائم ڪيا ويا مذھبي موضوع پڙھائڻ لاءِ انھن مدرسن منجھان پيشيور مولوي پيدا ٿيا جيڪي ٻن مختلف گروھن ۾ ورھايل ھئا، وڌيڪ تعليم يافتا مولوين قاضي ۽ مفتي جو ڪردرا ادا ڪيو جڏھن ته گھٽ پڙھيلن خطيب جي ڪرسي سنڀالي ٻنھي گروھن جو ڪم مختلف ھو. پھرين ھمراھن رياست ۽ سماج جي سياسي ۽ معاشي زندگي ۾ موجود پيچيدھ معاملن کي منھن پئي ڏنو جڏھن ته ٻين مختلف موقعن تي ڄم، شادي ۽ موت وقت مختلف رسمن کي سرانجام ڏنو ـ شيعا فرقي ۾ ديني بزرگن منجهھ علماءَ، مجتھد آيت الله، امام ۽ فاقح آھن ـ ھر گروھ جا پنهنجا فرض ۽ اختيار آھن مذھب جي تشريح جي باري ۾ مولوي پنهنجو پاڻ کي ٻين کان مختلف ظاھر ڪرڻ لاءِ ڏاڙھي رکن ٿا، پوشاڪ ۽ پٽڪا پھرين ٿا، ھڪ عالم جي ظاھري ڏيک منجھان ئي ان جو فرقو ۽ گروھ ظاھر ٿيندو آھي، جڏھن ماڻھو انھن سان گفتگو ڪن ٿا تڏھن انھن جي نالي اڳيان ‘ملان، مولانا يا مولوي لڳائين ٿاـ مولوين جي تنظيم جو عام ماڻھو مٿان ايترو ته غلبو آھي جو ھو ھر ننڍي وڏي مسئلي لاءِ انھن ڏانھن واجھائين ٿا.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *