| مومنه اقبال ڪيس: ليگي ايم پي اي ثاقب چڍڙ ڏوهاري قرار |
لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) اداڪاره مومنه اقبال کي هراسان ڪرڻ واري ڪيس ۾ ليگي ايم پي اي ثاقب چڍڙ کي ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي. ان ڏس ۾ ايڊيشنل سيشن جج نصرت صديقي جوابدارن جي عبوري ضمانت بابت ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر نجم باجوه عدالت کي ٻڌايو ته ثاقب چڍڙ جي زال سميرا ٻه ڏينهن اڳ پنهنجو موبائل فون نيشنل سائبر ڪرائيم انويسٽيگيشن ايجنسي (NCCIA) وٽ جمع ڪرايو هو. اسان جاچ مڪمل ڪئي آهي، جنهن ۾ جوڙي کي ڏوهاري ثابت ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته سميرا جو موبائل فون فرانزڪ لاءِ موڪليو ويو آهي. ٻڌڻي دوران مومنه اقبال جي وڪيل عدنان احسان عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابدارن جي عبوري ضمانت رد ڪئي وڃي. هن چيو ته جوابدارن جي آزادي مومنه اقبال جي زندگيءَ لاءِ خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿي. عدالت ڌرين جي وڪيلن کان حتمي دليل طلب ڪندي، جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ 3 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.