مونس الاهي واپسي لاءِ رنڊڪ: شجاعت ۽ پرويز الاهي ملاقات جي اندروني ڪهاڻي

جُولاءِ 3, 2023

لاهور(پنهنجي ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جو صدر پرويز الاهي ق ليگ ۾ واپسي لاءِ تيار ٿي ويو  پر مونس الاهي رنڊڪ بڻيل آهي، ق ليگ سربراهه چوڌري شجاعت ۽ پي ٽي آءِ جي صدر پرويز الاهي وچ ۾ ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي

 ذريعن موجب چوڌري شجاعت ڪيمپ جيل لاهور ۾ ملاقات دوران پرويز الاهي کي درخواست ڪئي ته پي ٽي آءِ ڇڏيو، ق ليگ ۾ واپس اچو، اسان سدائين گڏ رهيا آهيون ۽ گڏ رهڻ ۾ ئي بهتري آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي اها درخواست مڃي ورتي آهي پر مونس الاهي رنڊڪ بڻجي ويو جنهن سبب سندس ق ليگ ۾ واپسي بابت فيصلو نه ٿي سگهيو

ذريعن موجب چوڌري شجاعت ۽ پرويز الاهي وچ ۾ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ٻيهر ملاقات جا امڪان آهن  جنهن ۾ ق ليگ سربراهه هڪ ڀيرو وري کيس قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو

لاڳاپيل پوسٽون

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار

  • وڳڻ ڀرسان حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي