| مونکي تنقيد سان ڪو به فرق نٿو پوي: ناديه خان |
لاهور(ڪلچرل ڊيسڪ) اداڪاره ناديه خان چيو آهي ته هاڻي کيس تنقيد سان ڪو به فرق نٿو پوي. ٽي وي پروگرام “ڪيا ڊراما هي” ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته مون کي اڳ ۾ وائرل ٿيڻ پريشان ڪندو هو پر هاڻي ڪو فرق نٿو پوي، ماڻهو جيڪو چاهين ڀلي چون، هاڻي تنقيد جي عادي ٿي وئي آهيان، ناديه خان ڊرامي ’زنجيرين‘ تي تنقيد ڪندي چيو ته ”ڪهاڻي ۾ ڪيتريون ئي خاميون آهن، مرڪزي ڪردار ’سربلند‘ جو ’بانو‘ کي تلاش نه ڪرڻ ۽ ٻين ڪردارن کان لاتعلق رهڻ ڪهاڻي کي غير منطقي بڻائي ٿو.“ هن وڌيڪ چيو ته ”هڪ اهم منظر ۾ سجل علي بهترين اداڪاري ڪئي پر سربلند جو ڪردار نڀائيندڙ اداڪار جا تاثر به ڪمزور هئا، جنهن ڪري منظر پنهنجو اثر وڃائي ويٺو.“