مونکي نگران پرڏيهي وزير بڻايو وڃي، اثاثا وڌائي ڏيکارينديس: حريم شاهه

آگسٽ 12, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) تڪراري ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه چيو آهي ته جيڪڏهن کيس نگران پرڏيهي وزير بڻايو وڃي ته هو ملڪ جا اثاثا وڌائيندي

 حريم شاهه جي نالي سان ويريفائيڊ ايڪس اڪائونٽ تي بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن مون کي نگران پرڏيهي وزير بڻايو ويو ته پاڪستان جي پرڏيهي اثاثن کي 8 ارب ڊالر مان 100 ارب ڊالر تائين پهچائي ڇڏينديس

ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه جي اهڙي بيان تي دلچسپ تبصرن جو سلسلو جاري آهي ۽ اڪثر ماڻهو تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن. محمود جان نالي واهپيدار لکيو ته توهان وٽ وڊيوز کانسواءِ ٻيو ڪم ڪهڙو آهي

Leave A Comment