| مونکي ۽ شاهين کي ايس او پيز جي ڪابه ڄاڻ نه هئي: سڪندر رضا |
لاهور(اسپورٽس نيوز) زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۾ لاهور قلندرز جي نمائندگي ڪندڙ آل رائونڊر سڪندر رضا پنجاب پوليس جي خط کانپوءِ شاهين شاهه آفريدي کي بيگناهه قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن خط ۾ ٻنهي تي الزام لڳايو ويو هو ته هو بنا اجازت مهمانن کي زبردستي رضا جي ڪمري تائين وٺي ويو. سڪندر رضا چيو ته هو پنهنجن ويجهن دوستن سان ملڻ چاهي پيو، جن سان سندس 19 سالن کان لاڳاپو آهي، جڏهن ته شاهين رڳو سندس مدد ڪري رهيو هو. رضا پوليس جي بيان جي بار بار ترديد ڪئي. هن چيو ته شاهين ڪنهن تي به زور نه ڏنو، منهنجا دوست ۽ ڪٽنب آيل هو ۽ منهنجي درخواست تي شاهين کين منهنجي ڪمري تائين وٺي آيو. هن چيو ته جيڪڏهن ايس او پيز هئي ته مهمانن کي ڪمري ۾ اچڻ جي اجازت نه آهي ته مون کي ان بابت ڄاڻ نه هئي ۽ ڪنهن حد تائين شاهين کي به خبر نه هئي. آل رائونڊر چيو ته ان معاملي ۾ قصوروار مان آهيان، شاهين نه. هو منهنجي چوڻ تي هيٺ ويو ڇو ته هو منهنجا ويجها مائٽ ۽ دوست هئا، مان ساڻن بزنس سينٽر ۾ ملڻ نه پيو چاهيان، اسان اٽڪل 40 منٽن تائين ڪمري ۾ گڏ هئاسين.