مون ايراني سپريم ليڊر کي بچايو، ان ٿورو به ڪو نه مڃيو: ٽرمپ
جُون 28, 2025
واشنگٽن (پنهنجي ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته مون ايراني سپريم ليڊر کي بچايو ۽ هن منهنجا ٿورا به ناهن مڃيا.آمريڪي صدر پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته ايراني سپريم ليڊر جنگ ۾ پنهنجي فتح ايتري بيوقوفي سان دعويٰ ڇو ڪئي؟ آيت الله خامنه اي ڇو چوي ٿو ته هن اسرائيل خلاف جنگ کٽي ورتي آهي؟ ايراني سپريم ليڊر ڄاڻي ٿو ته هي ڪوڙ آهي. هڪ ايماندار ماڻهوءَ لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ مناسب ناهي.
مون کي خبر هئي ته ايراني سپريم ليڊر خامنه اي ڪٿي پناهه وٺي ويٺو هو. مان اسرائيل يا آمريڪي فوج کي خامنه اي کي مارڻ جي اجازت نه ڏيندس. مون ايراني سپريم ليڊر کي بچايو ۽ هن منهنجا ٿورا ناهي مڃيو،
ايران کي بين الاقوامي نظام ۾ واپس اچڻ گهرجي نه ته انهن لاءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي. گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ پابنديون هٽائڻ ۽ ٻين شين تي ڪم ڪري رهيو هوس. منهنجا عمل ايران کي مستحڪم بحالي جو بهتر موقعو ڏئي سگهن ها. ڪاوڙ، نفرت ۽ بيزاريءَ سان ڀريل بيان منهنجو ڪم فوري طور تي روڪي ڇڏيو. مون ايراني سپريم ليڊر کي بچايو آهي.