مون مٿان الزام ڪوڙا آهن، ڊاڪٽر طاهرا ٿملي کي هراسان ڪري پئي: ريحانه کرل

مَي 21, 2023

خيرپور( رپورٽر) خيرپور جي ايل ايڇ وي ريحانه کرل پاڻ مٿان لڳل الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته نيشنل پروگرام جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر طاهره ڪنول گاجاڻي صحت کاتي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل سان لاڳاپا هجڻ جو فائدو وٺندي مون سميت آفيس جي سموري اسٽاف کي بليڪ ميل ڪري رهي آهي

خيرپور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي رحانه کرل چيو ته ڊاڪٽر طاهره ڪنول مون کي ايڪسپلينيشن ليٽر ڏياريا ۽ حيدرآباد رليو ڪرائي ڇڏيو

هن چيو ته مون قانوني طور جڏهن ڊائريڪٽر جنرل، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر رحمت الله سولنگي، سندس پٽ ۽ ڊاڪٽر طاهره ڪنول خلاف حراسان ڪرڻ جي پنهنجي وڪيل بابره سولنگي معرفت خيرپور جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ته انهن وڪيل بابره سولنگي مٿان به حملو ڪرايو

ريحانه جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر طاهره ڪنول ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس جي ڊون بڻيل آهي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر رحمت الله سولنگي به ساڻس ٻٽ ب آهي

هن چيو ته مان 27 سالن کان پوري ايمانداري سان ڊيوٽي ڪري رهي آهيان ته ڊاڪٽر طاهره ڪنول مون خلاف جعلي ڊگريون هئڻ جا ڪوڙا الزام مڙهي ميڊيا ٽرائل ڪري رهي آهي

ايل ايڇ وي ريحانه کرل صحت کاتي سنڌ جي صوبائي وزير ۽ ٻين وس وارن کي اپيلڪئي ته نوٽيس وٺي ڊائريڪٽر جنرل، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ۽ ڊاڪٽر طاهره ڪنول جي زيادتين کان بچايو وڃي

Leave A Comment