Home » عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل نوجوان جي وڊيو وائرل
عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل نوجوان جي وڊيو وائرل
مَي 28, 2023
شادي لارج (رپورٽر) بدين ضلعي جو نوجوان علي اڪبر خاصخيلي عورتاڻي آواز تي هرکجي گهوٽڪي جي ڪچي ڌاڙيلن وٽ پهچي ويو، ڌاڙيلن هڪ ڪروڙ ويھه لک ڀنگ طلب ڪيو آهي
نوجوان علي اڪبر جي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڌاڙيل مٿس تشدد ڪري رهيا آهن
نوجوان علي اڪبر خاصخيلي مائٽن کي حيدرآباد جو چئي گهران ٻه ڏينهن اڳ نڪتو هو سندس والد نور محمد خاصخيلي ميڊيا کي ٻڌايو ته مونکي فون آئي ته هڪ ڪروڙ ويهه لک رپيا ڀنگ ڏيو نه ته تنهنجي ڇوڪري کي ماري ڇڏينداسين
هن چيو ته اردو آواز۾ ڳالهائيندڙ شخص چيو ته رقم جو جلد بندوبست ڪيو وڃي نه ته تنهنجي پٽ جو لاش موڪلينداسين
هن چيو ته اسان آءِ جي سنڌ کان مطالبو ٿا ڪريون ته علي اڪبر کي بچايو وڃي
جڏهن ته وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڌاڙيل علي اڪبر تي تشدد ڪري رهيا آهن ۽ هو روئندي چئي رهيو آهي ته جلد رقم ڏني وڃي ٻني وغيره وڪڻي پئسن جو بندوبست ڪيو وڃي مون کي بچايو وڃي