لاهور ( اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي آل رائونڊر عبدالرزاق چيو آهي ته ڀارتي رانديگر سچن ڙنڊولڪر طرفان مون کي خطرناڪ بالر ڪوٺڻ هن جو وڏپڻو آهي
هن هڪ انٽرويو ۾ چيو ته سچن ٽنڊولڪر عظيم رانديگر آهي هن کي منهنجي واکاڻ ڪرڻ جي ضرورت نه هئي
هن چيو ته اهو ٽنڊولڪر جو وڏپڻو آهي عبدالرزاق چيو ته جنهن دور ۾ مان کيڏندو هيس ان وقت وسيم اڪرم، وقار يونس، مرلي ڌرن ۽ شين وارن جهڙا بهترين بالر به کيڏندا هئا
هن چيو ته سچن ڀارتي ٽيم ۾ ون مين آرمي جو ڪردار نڀائيندو هو ان دور ۾ ڪابه ٽيم ڀارت سان کيڏڻ کان اڳ سچن ٽنڊولڪر جي حوالي سان حڪمت عملي تيار ڪندي هئي