مون کي شهر، ملڪ يا دنيا ئي ڇڏڻ کپي: راڳي عاشق نظاماڻي جو وڊيو پيغام جاري

آگسٽ 16, 2023

لاڙڪاڻو (رپورٽر) لاڙڪاڻو پوليس سنڌ جي ناليواري راڳي ۽ استاد عاشق نظاماڻي جي گهر مان لکين رپين جي ڌاڙي ۽ سولر پليٽون چوري ڪرڻ وارن واقعن ۾ ملوث چورن کي گرفتار نه ڪري سگهي، عاشق نظاماڻي فيس بوڪ تي پنهنجو وڊيو پيغام جاري ڪري ڇڏيو

عاشق نظاماڻي پنهنجو ڏک ونڊيندي سنڌ واسين کي دانهن ڏني آهي، عاشق نظاماڻي ڏکارو ٿي چيو آهي ته سنڌ دوست صلاح ڏين ته مون کي لڏڻ کپي يا هي دنيا، شهر ۽ ملڪ ڇڏڻ کپي

هن چيو ته مهينو اڳ چورن اسان جي غيرموجودگي ۾ خالق ڪالوني واري گهر جا تالا ڪٽي اڍائي تولا سونا زيور، ليپ ٽاپ، ڪئمرا، لينس، ٿانو کڻي ويا

واقعي جو اطلاع الهه آباد ٿاڻي تي ڏنو پوليس ايس ايس پي ڏانهن موڪليو جنهن درخواست تي نوٽ هڻي اي ايس پي ڏينهن موڪليو ۽ بعد ۾ ٿاڻي جي منشي گهر اچي تفصيل وٺي خاطري ڪرائي پر هن مهل تائين جوابدار گرفتار ناهن ٿيا

 عاشق نظاماڻي چيو ته مان فنڪار ۽ استاد آهيان، ڪيسيتائين ڪورٽن جا چڪر ڪاٽيان،  14 آگسٽ جي رات چورن گهر ۾ گهڙي 2 سولر پليٽون چوري ڪيون، مون سان انصاف ڪيو وڃي

Leave A Comment