مون کي ڪيس ۾ دلچسپي ناهي: ايس ايس پي جي بيان تي عدالت جي ڇنڊ

  مون کي ڪيس ۾ دلچسپي ناهي: ايس ايس پي جي بيان تي عدالت جي ڇنڊ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪريڊٽ ڪارڊ ٺاهي ڏيندڙ عورت سان زيادتي ۽ اڻ وڻندڙ وڊيوز وائرل ڪرڻ واري ڪيس بابت ايس پي جاچ پاران رپورٽ جمع ڪرائي وئي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار زوهيب کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جوابدار گرفتار ناهي ٿي سگهيو، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته جوابدار وڌيڪ تصويرون به سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيون آهن، پوليس نه جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي نه وري سوشل ميڊيا تان وائرل وڊيوز هٽرايون آهن، ايس پي جاچ چيو ته ان ڪيس ۾ هن جي وڌيڪ دلچسپي ناهي، جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته پوليس جاچ کان انڪار ڪيئن ٿي ڪري سگهي، جسٽس نثار ڀنڀرو چيو ته توهان ڪير ٿيندا آهيو سرجاري ڪم کان انڪار ڪرڻ وارا؟ ياد رکيو ته ڪيس جي فيصلي تائين پوليس ڪلين چٽ نه ملندي، عدالت ڪيس جي جاچ ايڊيشنل آ۽ جي جي حوالي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، عدالت چيو ته ايڊيشنل آ۽ جي ذاتي نگراني ۾ جاچ ڪرائي، مفرور جوابدار ۽ ان جي سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي، جاچ ۾ ناڪام ٿيندڙ پوليس آفيسرن خلاف ادارتي ڪارروائي ڪئي ويندي، عدالت حڪم ڏيندي چيو ته سوشل ميڊيا تان عورت جون وڊيوز ۽ تصويرون هٽايون وڃن، عدالت حڪم نامي جي ڪاپي آ۽ جي سنڌ کي موڪلڻ جي به هدايت ڪري ڇڏي، ياد رهي ته جوابدار عورت کي ٽيپو سلطان جي علائقي ۾ گهرائي زيادتي جو نشانو بڻايو هو.