موهن جو دڙو تي ٿائيلينڊ جو وفد پهتو: قديمي آثارن جي تعريف

مارچ 14, 2025

موهن جو دڙو(ن پ ا) سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي ٿائيلينڊ جو پرڏيهي وفد طرفان دورو ڪيو ويو، ٿائيلينڊ جي پرڏيهي وفد موهن جي دڙي جي مختلف ايرياز ڊي ڪي ايريا،ايچ آر، اسٽوپا گريٽ باٿ، ميوزم ۽ ٻيا آثار گهمي ڏٺا،ان موقعي تي ٿائيلينڊ جي وفد جو چوڻ هو ته موهن جو دڙو عظيم ۽ قديم تهذيبي ورثو آهي، هتان جا ماڻهو هزارين سالن کان تهذيب يافتا رهيا آهن، ان جو اندازو هي شاندار تهذيب جا آثار ڏسي لڳائي سگهجي ٿو، هنن چيو ته اسان جي خواهش ھئي ته موهن جو دڙو ضرور ڏسجي، هتي اچي لطف اندوز ٿيا آھيون.

 

Leave A Comment