موهن جو دڙو واسي عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا، هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب

ڊسمبر 16, 2023

موهن جو دڙو(رپورٽر)موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ چڪرو مان 26 سال جو نوجوان آندل خان گاڏهي پٽ علي نواز گاڏهي عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويو آھي

ڌاڙيلن پاران آزادي لاءِ وارثن کان هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي، نوجوان جي اغوا بابت فتح پور ٿاڻي تي اغوا جو اطلاع ڏنو ويو آهي

هوڏانهن اغوا ٿيل نوجوان جي ڀاءُ گلاب گاڏھي ميڊيا کي ٻڌايو ته گهر ڀاتين کي ڪم جو چئي نڪتل نوجوان ڪنڌ ڪوٽ ۾ ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي ويو آهي

هن چيو ته نوجوان کي هڪ لک به کيسي ۾ موجود هئا، انتظاميا ۽ نگران حڪومت سندس پٽ کي ڌاڙيلن کان بازياب ڪرائي ڏنو وڃي

ٻئي طرف فتح پور پوليس جو چوڻ ھو ته اغوا ٿيل نوجوان آندل گاڏهي جي فون جي آخري لوڪيشن ڪنڌ ڪوٽ ملي آھي، پوليس موجب وارثن پاران اهڙو اطلاع ٿاڻي تي ڏنو آھي

وارثن ڊي آءِ جي ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو آھي ته اغوا ٿيل نوجوان کي جلد بازياب ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي

Leave A Comment