موهن جو دڙو ۽ گاجي کهاوڙ ۾ سنڌوءَ تي گلن ورکا: ڀيٽا پيش
مارچ 15, 2025
موهن جو دڙو/ڳيريلو/گاجي کهاوڙ/ڪچي پل(نمائندن وٽان) سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف موهن جو دڙو ڀرسان ٻلهڙيجي پتڻ وٽان علائقي جي اديبن، سياسي سماجي اڳواڻن ڪامريڊ گلاب پيرزادو، اديب انور ڏنگڙائي، محمد رمضان ساريو، ڪامريڊ ڪريم بخش مڱريو، اعجاز ماڇي، شعور پيرزادو ۽ ٻين هڪ ڪلوميٽر مارچ ڪري سنڌو درياءَ ۾ گلن ورکا ڪري ڀيٽا پيش ڪئي، گاجي کهاوڙ ۾ به صحافين طرفان بشير لغاري، بادشاهه جان، مدثر کهاوڙ، عبدالمجيد بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻو _ خيرپور پل وٽ سنڌو درياءَ تي گل نڇاور ڪري ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ٻي طرف باڊهه ۾ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن طرفان عالم بروهي، اسحاق مشوري، محمد علي خشڪ، اقبال کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڪچي پل ۾ به آل پاڪستان جاگيراڻي اتحاد پاران خادم حسين جاگيراڻي، ڪامريڊ سھراب سنڌي، محمد گلڻ جاگيراڻي، عبدالحميد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، ڳيريلي ۾ به سياسي سماجي اڳواڻن ريلي ڪڍي خالد محمود جتوئي، آفاق احمد ٻرڙو، لياقت ٻرڙو، ڊامڻ جتوئي، شهيد ڀٽو اڳواڻ محمد جمن جتوئي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. اڳواڻن چيو ته پاڻي اسان جي جياپي جو ذريعو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته ڪئنالن وارو فيصلو واپس ورتو وڃي.