| مويا پوليس جو صحافي گهر تي حملي جو ڪيس وٺڻ کان انڪار، احتجاج |
ٽنڊو غلام حيدر (رپورٽر ) ٽنڊو غلام حيدر جي مويا ۾ روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم ٽي وي جي رپورٽر سينئر صحافي قاضي شمس ٻانڀڻ جي نوجوان پٽ ، ڀائيٽي کي زخمي ڪرڻ ، 8 سالا معصوم نينگر کي اغوا ڪرڻ واري واقعي جو مويا پوليس داخل ڪرڻ کان انڪار ، صحافين جو احتجاج ، خبر موجب ٽنڊو محمد خان جي تعلقي ٽنڊو غلام حيدر يونين ڪائونسل جي ڳوٺ قاضي احمد ۾ 3 ڏينهن اڳ هٿياربندن روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم ٽي وي جي ضلعي رپورٽر سينئر صحافي قاضي شمس ٻانڀڻ جي گهر تي حملو ڪري ۽ گهر اندر داخل ٿيڻ کانپوءِ سندس نوجوان پٽ قاضي شايان علي ، ڀائيٽي عابد لطيف کي کنڀي کڻي سخت تشدد مارڪٽ ڪري زخمي ڪرڻ ۽ سندس ڀائيٽي جي 8 سالا معصوم نينگر راشد خالد کي ٽن ڏينهن کان اغوا ڪري نامعلوم هنڌ گم ڪرڻ واري واقعي بابت مويا ٿاڻي تي پوليس ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ، جڏهن ته اغوا ٿي ويل معصوم نينگر راشد خالد جي امڙ نيلوفر ٻانڀڻ ، والد خالد لطيف ٻانڀڻ ٻڌايو ته اسان جو معصوم نينگر ٽن ڏينهن کان اغوا ڪري نامعلوم هنڌ قيد ڪري ڇڏيو آهي اسان جي گهر ۾ ماتم متل آهي پر پوليس اسان جو فرياد نه وٺي رهي آهي اسان سان ناانصافي ٿي رهي آهي جنهن جو اعلى اختيارين کي نوٽيس وٺڻ گهرجي انصاف نه ٿيو ته اسان پنهنجو پاڻ کي باھ ڏئي ساڙينداسين .