مويا ۾ پنهنجي اخبار جي رپورٽر جي گهر تي حملو، پٽ ۽ ڀائٽيو زخمي، پوٽو اغوا

مويا ۾ پنهنجي اخبار جي رپورٽر جي گهر تي حملو، پٽ ۽ ڀائٽيو زخمي، پوٽو اغوا

ٽنڊو محمد خان/ٽنڊو غلام حيدر (نمائندن وٽان)  ٽنڊو غلام حيدر جي يونين ڪائونسل مويا ويجهو ڳوٺ قاضي احمد ٻانڀڻ ۾ هٿياربندن روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي ڊسٽرڪٽ رپورٽر قاضي شمس ٻانڀڻ جي گهر تي حملو ڪيو، جنهن ۾ حملي آورن سندس پٽ، ڀائيٽي ۽ هڪ 8 ورهين جي  معصوم نينگر کي اغوا ڪري پهرين پاڻ سان گڏ کڻي ويا، جنهن کانپوءِ سندس 18 ورهين جي نوجوان پٽ قاضي شايان علي ۽ ڀائيٽي 25 سالا عابد لطيف کي سخت زخمي ڪري بيهوشي جي حالت ۾ سرڪاري اسڪول جي عمارت آڏو ڇڏي 8 ورهين جي معصوم نينگر راشد خالد کي اغوا ڪري پاڻ سان گڏ وٺي گم ڪري ڇڏيو.  جنهن بابت مويا ٿاڻي تي روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي ڊسٽرڪٽ رپورٽر قاضي شمس ٻانڀڻ اچي اطلاع ڏنو ته منهنجي ڀائيٽي جو پٽ 8 سالا راشد خالد کي اغوا ڪيو ويو آهي جنهن سان گڏ منهنجي 18 سالا نوجوان پٽ شايان علي ۽ ڀائيٽي 25 سالا عابد لطيف کي پڻ پهرين گهر مان حملو ڪري اغوا ڪيو ويو هو جنهن جي بعد پٽ ۽ ڀائيٽي کي سخت تشدد ڪري ڪهاڙين جا وار ڪرڻ کانپوءِ بيهوشي جي حالت ۾ سرڪاري اسڪول جي عمارت آڏو ڇڏي ويا آهن ، جن کي اسان ٽنڊو غلام حيدر جي اسپتال ۽ ٽنڊو محمد خان جي اسپتال مان علاج ڪرائڻ بعد حيدرآباد جي اسپتال ۾ اچي داخل ڪرايو آهي جنهن مان منهنجي پٽ ۽ ڀائيٽي جي حالت نازڪ آهي. حملي بابت اڳ ئي مويا ٿاڻي تي اطلاع ڪيو هو ته ڳوٺ ۾ منشيات ۾ ملوث جوابدارن مان اسان کي حياتين جو خطرو آهي پر پوليس اسان کي ڪو به تحفظ فراهم ڪري نه سگهي، هاڻي اسان سان تمام وڏي ناانصافي ٿي آهي جنهن ۾ پٽ ۽ ڀائيٽي کي زخمي ڪرڻ سان گڏ 8 سالا معصوم ٻار کي گم ڪيو ويو آهي، جنهن جو اعلى اختيارين کي فوري طور نوٽيس وٺڻ گهرجي ، اسان جي معصوم ٻار کي بازياب ڪرايو وڃي ، قاضي شمس اهو به ٻڌايو ته منشيات جي سرعام وڪري خلاف مون خبرون هلايون جنهن تي منشيات فروشن ڌمڪيون ڏنيون ۽ حملو ڪيو آهي، ٻئي پاسي ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي ڊسٽرڪٽ رپورٽر قاضي شمس ٻانڀڻ جي گهر تي ٿيل هٿياربندن جي حملي تي هنگامي اجلاس ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ آئي جي سنڌ ، ڊي آئي جي حيدرآباد ، ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته روزاني پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جي ڊسٽرڪٽ رپورٽر قاضي شمس ٻانڀڻ جي گهر تي ٿيل هٿياربندن جي ڪيل حملي ۾ سندس پٽ ، ڀائيٽي کي زخمي ڪرڻ ۽  8 سالا معصوم ٻار کي اغوا ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث منشيات فروش جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.