موٽروي اسڪينڊل:عدنان رشيد، منصور عباسي، اسلم پيرزادو تي فرد جرم لاڳو

آگسٽ 16, 2023

حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو)حيدرآباد جي احتساب عدالت موٽروي ڪرپشن اسڪينڊل ۾ عدنان رشيد، منصور عباسي، اسلم پيرزادو ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو

 ايم سڪس مٽياري موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي احتساب عدالت ۾ ٿي. ٻڌڻي دوران نارا جيل مان پوليس گرفتار ڪيل معطل ڊي سي عدنان رشيد، اڳوڻي اسسٽنٽ ڪمشنر منصور عباسي، اسلم پيرزادو، تابش شاهه، ذيشان سهتو، جڙيل شاهه، رفيق سولنگي ۽ غلام حسين ڪورائي کي عدالت ۾ پيش ڪيو

 جاچ آفيسر عدالت کي آگاهي ڏني ته انهن سموري جاچ مڪمل ڪري رپورٽ عدالت کي فراهم ڪرڻ سان گڏ جوابدار ۽ سندن وڪيلن کي به ڪاپيون فراهم ڪري ڇڏيون آهن

 عدالت جوابدارن کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان تي نيب پاران 5 ارب رپين کان وڌيڪ ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي جنهن بابت انهن ثبوت به فراهم ڪيا آهن ان ڪري هاڻي اوهان تي ڪيس چارج فريم ڪيو پيو وڃي

جوابدارن عدالت ۾ ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو جڏهن ته سندن وڪيلن پاران ڄاڻايو ويو ته نيب جي جاچ هڪ طرفي آهي، عدالت جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ بعد ڪيس جي ٻڌڻي شاهدين لاءِ 29 آگسٽ تائين ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏنو

ٻڌڻي بابت گرفتار جوابدار تابش شاهه جي وڪيل عشرت علي لوهر ٻڌايو ته ٻڌڻي دوران عدالت رڳو جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو پر جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو

هن چيو ته ٻڌڻي دوران گرفتار جوابدار تابش شاهه ۽ عبوري ضمانت تي آزاد ڪيشئر علي حيدر شاهه، امجد رند ۽ ٻين جوابدارن جي پڪي ضمانتن تي به دليل مڪمل ڪيا ويا آهن پر عدالت فيصلو ناهي ٻڌايو جڏهن ته جوابدار اسلم پيرزادي جو وڪيل پيش نه ٿيو ان ڪري سندس ضمانت واري درخواست تي دليل نه هلي سگهيا

ٻئي طرف احتساب عدالت پاران جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ٿيڻ بعد سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي هئي، سيڪيورٽي انچارچ عادل خان موجب نيب ڪورٽ ۾ جوابدارن سان ملاقات لاءِ ايندڙ ماڻهن کي به اندر نٿو ڇڏيو وڃي

 هاءِ پروفائيل ڪيسن ۾ گرفتار جوابدارن جي موجودگي دوران عدالت اندر توڙي ٻاهر اهلڪار به مقرر ڪيا پيا وڃن ته جيڪي ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي چرپر تي نظر رکن ٿا

Leave A Comment