موٽروي اسڪينڊل ۾ ڪامورا پڪڙي چيڪ ورهائيندڙن کي بچايو ويو: ڄاموٽ
اپريل 10, 2025
مٽياري (رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي اڳواڻ اڳوڻي سينيٽر سيد محمد علي شاھ ڄاموٽ چيو آھي درياء اسان 6 ڪروڙ سنڌين جو جياپو آھي ان مان ائين مرڻ مارائڻ کان سواء ڪيئين ھٿ ڪڍنداسين سنڌ ۾ اڳي ئي پاڻي جي ايتري کوٽ آھي جو جن وقت به ڪيترن ئي شھرن کي پيئڻ جو پاڻي نه پيو ملي ته سوچو ڪئنال ٺھيا ته سنڌ جي حالت ڪھڙي ٿيندي اھو رڳو اسان ٻهراڙي وارن آبادگارن جو مسئلو ناھي پر جي ڪئنال ٺھيا ته ڪراچي ، حيدرآباد سميت وڏن شھرن کي پيئڻ لاء پاڻي به نه ملندو اھڙن خيالن جو اڳوڻي سينيٽر مٽياري ۾ سندس رھائش گاھ تي مٽياري پريس ڪلب جي وفد سان ملاقات دوران ڳالھائيندي ڪيو پي پي اڳواڻ جو چوڻ ھو ته پيپلزپارٽي جو واضح موقف آھي ته سنڌ جو پاڻي ھرگز نه ڏينداسين بحرحال ھن وقت سياسي وابستگين کان وڌيڪ پاڻي جو مسئلو اھم آھي ان ڪري اسان سڀ سنڌ ۽ سنڌين سان گڏ بيٺل آھيون ھڪ سوال جي جواب ۾ سيد محمد علي شاھ جاموٽ جو چوڻ ھو ته معدني وسيلن سان مالامال مٽياري ضلعو ھن وقت الله جي آسري پيو ھلي باقي ھتي جي نمائندن ڪرپشن مان گھٽائي ناھي آئل ۽ گئس رائلٽي جا اربين رپيا ملن ٿا مٽياري ضلعي کي پر ڪا خبر ناھي ڪيڏانھن ٿا وڃن ضلعي ۾ حالت اھا آھي جو ڪاغذن ۾ مختلف اسڪيمون موجود آھن پر انھن اسڪيمن جو ڪو وجود ئي ناھي صرف ڪاغذن جو پيٽ ڀري پئسا ھڙپ ڪيا پيا وڃن مٽياري موٽروي اسڪينڊل جو ڇا ٿيو اربين رپيا کاڄي ويا صرف ڪجھ ملازم ۽ ڪامورا گرفتار ٿيا پر آفيسن ۾ ويھي چيڪ ورھائڻ وارا آجا لڳا پيا آھن موٽروي اسڪينڊل ۾ صرف آھي ملازم نه ھئا پر ان ۾ وڏا نالا ھئا جن کي بچايو ويو اسان مطالبو ڪنداسين ته موٽروي ڪرپشن اسڪينڊل ٻيھر کولي اصل ڏوھارين کي سامھون آندو وڃي ھن جو چوڻ ھو ته مخدوم ھائوس سان سالن جو واسطو ھو پاڙي جي ڪري نيازمندي ھئي وڏڙن کان وٺي ادب احترام جا رشتا ھئا پر تازو مخدوم جميل الزمان مون تي سندس خليفي تي حملي جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي اھا رستا بند ٿي ويا ڪورٽ ته انصاف ڪيو ۽ مونکي باعزت بري ڪيو پر مخدوم صاحبان ٻن ھائوسن جا ويڇا وڌائي ڇڏيا آهن.