موٽروي لاءِ ڏنل 6 ارب ڳوليا وڃن، پريا جي بازيابي لاءِ پوليس کي ٿورو وقت ڏيو: گورنر

  موٽروي لاءِ ڏنل 6 ارب ڳوليا وڃن، پريا جي بازيابي لاءِ پوليس کي ٿورو وقت ڏيو: گورنر

ڀٽ شاهه (ن پ ا) حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جي 283 هين عرس مبارڪ جون تقريبون ڀٽ شاھ ۾ شروع ٿي ويون، گورنر سنڌ نهال هاشمي عرس مبارڪ جي سرڪاري تقريبن جو افتتاح ڪيو، ڀٽائي جي مزار تي چادر چاڙهي دعا گهري وئي،  دنبوري جي تند تي شاھ لطيف جي راڳي فقيرن کان راڳ به ٻڌو،. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر نهال هاشمي چيو ته حيدرآباد – سکر موٽروي جا 6 ارب رپيا مٽياري جي آس پاس گم ٿي ويا آهن، مان دعوت ڏيان ته ڳولا ڪيو، جيڪڏهن زمين خريد ٿئي ها ته هن وقت موٽر وي ٺهي به وڃي ها، نهال هاشمي وڌيڪ چيو ته آزاد ڪشمير ۾ عوام ن ليگ کي ووٽ ڏنا، بلاول اڃا نوجوان آهي، مستقبل جو ليڊر آهي، چونڊن ۾ ائين ٿيندو رهندو آهي، نواز شريف کي جيترو ڪشمور سان پيار آهي، اوترو ئي ڪشمير سان آهي، اليڪشن ۾ ته نواز شريف بلاول کي نه چوندو ته منهنجو ڀائٽيو آهين، سنڌ جو پاڻي ڪنهن جو پيءُ به نه ٿو کڻي سگهي، مودي پاڻي روڪيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جواب ڏيڻ ۾ دير نه ڪندو، پريا ڪماري سنڌ جي نياڻي آهي، پوليس کي ٿورو وقت ڏيڻ گهرجي، 6 ارب موٽروي لاءِ ڏنا ويا هئا جن جي تلاش ڪرڻ گهرجي ٻڌو آهي ته اهي مٽياري جي آسپاس گم ٿيا آهن، سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ، ڪراچي ۾ دهشتگردي جو خاتمو نواز شريف آندو، سيلاب هجي يا نياڻين سان زيادتي جا مسئلا هجن انهن لاءِ نواز شريف ڪم ڪيو، شاھ لطيف جي ڌرتي جا پٽ آهيون خوشنصيب آهيان اڄ درگاهه ڀٽائي تي حاضري جو موقعو مليو آهي، ڀٽائي جو پيغام نه صرف سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ بلڪه سموري دنيا لاءِ آهي، حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي عظيم بزرگ هستي آهي جنهن هر زبان کي اهميت ڏني آهي
 

حڪومت جي حمايت مجبوري، سنڌ کنڊر نظر نه آئي: گورنر پنجاب

ڀٽ شاهه: پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر چيو آهي ته پيپلزپارٽي وفاقي حڪومت کان ڌار ٿي ته پيٽرول 800 روپيا في لٽر تائين پهچي ويندو، پيپلزپارٽي حڪومت اندر ويهي عوام جي حقن لاءِ آواز اٿاري رهي آهي، حڪومت جي حمايت مجبوري آهي، ڀٽ شاهه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار سليم حيدر چيو ته مخالف چون ٿا ته سنڌ کنڊر بڻيل آهي، نوابشاهه کان ڀٽ شاهه تائين ڪٿي به کنڊر نظر نه آيا، جيل ۾ بند هڪ جوان نون ليگ وارن لاءِ چوندو هو ته هو امپائر کانسواءِ نه کيڏي سگهندا آهن
 

موسيقي، محبت ۽ سنڌي روايتن جا حسين منظر، ثقافتي ڳوٺ نظرن جو مرڪز

ڀٽ شاھ : حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس دوران ثقافتي ڳوٺ پانڌيئڙن جو مرڪز بڻجي ويو، سنڌ جي ثقافت جا رنگ هر طرف ڇانيل رهيا، ڀٽائي جي عرس مبارڪ جي موقعي تي ثقافت کاتي پاران شاھ جي باغ ۾ قائم ڪيل ثقافتي ڳوٺ پانڌيئڙن لاءِ وڏي ڪشش جو مرڪز بڻجي ويو آهي، جتي هر گهڙي هزارين ماڻهو سنڌ جي قديم تهذيب، ثقافت ۽ هنر جا دلڪش رنگ ڏسڻ لاءِ پهچي رهيا آهن، ثقافتي ڳوٺ ۾ قائم ڪيل مختلف اسٽالن تي سنڌي ٽوپي، اجرڪ، گج، جهنڊيون، رليون، دنبورا، ڪاشيءَ جا شاهڪار، تاريخي مجسما، ڪتابن جا اسٽال، روايتي سنڌي هوٽلون ۽ هنرمندن جي هٿ جي تيار ڪيل خوبصورت شيون زائرين جي خاص توجھ جو مرڪز بڻيل آهن. ميلي ۾ آيل ماڻهو وڏي دلچسپي سان اهي اسٽال گهمي سنڌ جي ثقافتي ورثي مان لطف اندوز ٿي رهيا آهن. هوڏانهن ثقافتي ڳوٺ ۾ هر شام مقامي ۽ نامور فنڪارن جون رنگا رنگ موسيقي محفلون پڻ سڄي ميلي کي روحاني ۽ ثقافتي رنگن سان سينگاري رهيون آهن. فنڪار شاهه عبداللطيف ڀٽائي جا لازوال ڪلام، صوفيانه راڳ ۽ سنڌي لوڪ گيت پيش ڪري شوقينن کان ڀرپور داد وصول ڪري رهيا آهن، جنهن سبب سڄو ثقافتي ڳوٺ موسيقي، محبت ۽ سنڌي روايتن جي حسين منظر جو روپ ڌاري ويو
 

نواز ليگ اڳواڻن ۽ اوقاف عملدارن گورنر جي آجيان ڪئي، اجرڪ جا تحفا
 

ڀٽ شاهه: اوقاف عملدارن ۽ نواز ليگ اڳواڻن پاران گورنر سنڌ جي آجيان ڪندي اجرڪ جا تحفا به پيش ڪيا ويا، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان لکين پانڌيئڙا آيل هئا
 

صوفي بزرگ قيمتي سرمايو آهن، صوبائي وزير
 

سنڌ جي ثقافت ۽ سياحت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جون تعليمون محبت، امن، ڀائيچاري ۽ انسانيت جو درس ڏين ٿيون، جن جي اڄ سڄي ملڪ، خاص طور بلوچستان، خيبر پختونخوا ۽ ٻين علائقن ۾ اڳ کان وڌيڪ ضرورت آهي هن چيو ته صوفي بزرگن جون تعليمون اسان جي روحاني ۽ تهذيبي ورثي جو قيمتي سرمايو آهن. هن ٻڌايو ته عرس جي تقريبن دوران ڪلچرل وليج، سگهڙن جي ڪچهري ۽ ٻين ثقافتي پروگرامن جو پڻ اهتمام ڪيو ويو آهي
 

ملاکڙي ۾ ملهه مقابلا، پهلوانن پاڻ ملهايو، ڍڳن ۽ گهوڙن جي ڊوڙ
 

ڀٽ شاهه: حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي ڀٽ شاهه ۾ سنڌ جي روايتي ثقافتي راند ملاکڙي جو شاندار اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان سان تعلق رکندڙ ناميارن ملهه پهلوانن ڀرپور شرڪت ڪئي مقابلن ۾ پهرين ۽ ٻئين جوڙ جي پهلوانن منٺار بگٽي، قربان هوتيپوٽو، منير ملاح، عرفان مرکنڊ ، شهباز شيدي، واحد ملاح، چنيسر خاصخيلي،مراد پنهور، رحمان ڪوش ،ارشد چاچڙ ،معشوق جمالي، ملهار شيدي، بابر جمالي، عبدالسلام ڪوش ۽ زاهد ملاح هڪ ٻئي آمهون سامهون اچي زبردست مقابلا ڪيا ۽ پنهنجي فن، طاقت ۽ مهارت جو بهترين مظاهرو ڪندي شوقينن کان ڀرپور داد حاصل ڪئي. ملاکڙي جي مقابلن دوران روايتي راندين سان محبت رکندڙ شائقين جو وڏو انگ موجود رهيو،  جڏهن ته عرس مبارڪ جي پهرين ڏينهن تي ڍڳن ۽ گهوڙن جي ڊوڙ جا مقابلا به ڪرايا ويا گهوڙن جي مقابلن ۾ محمد خان جونیجو، حاجي غلام نبي راهو، مخدوم غلام الدين، محمد خان هاليپوٽو ۽ ٻين خفتين جي گهوڙن حصو ورتو، جنهن ۾ هزارين شائقينن پاران شرڪت ڪئي وئي ۽ ڀلن گهوڙن کي ڀرپور داد ڏنو ويو، ڀٽ شاھ جي عرس مبارڪ ۾ گهوڙن جي ڊوڙ جا مقابلا 2 ڏينهن جاري رهندا
 

گورنر تڪراري جلالپور ڪئنال بابت جواب کان لنوائي ويو
 

هالا: گورنر سنڌ نهال ھاشمي جي درگاھ غوث الحق مخدوم سرور نوح ۽ نواز ليگ سنڌ جي اڳوڻي صدر مرحوم مخدوم شاھنواز سميت ٻين بزرگن جي مزارن تي حاضري ڀري،  گورنر سنڌ نهال ھاشمي کان تڪراري ڪئنال جلال پور بابت ٽائيم نيوز ھالا پاران ڪيل 2 ڀيرا سوال تي گورنر سنڌ جواب ڏيڻ  بنا لنوائي ھليو ويو سندس چوڻ هو ته  درگاھ تي ويھي سياست جي ڳالهھ نٿو ڪرڻ چاھيان، حضرت مخدوم سرور نوح کي مڃڻ وارا سڀئي عظيم ماڻھو آھن،سياست دين جو حصو آھي جنھن ماڻھن انسانيت جي خدمت ڪئي اڄ انھن کي سلام پيش ڪرڻ آيو آھيان،مرحوم مخدوم شاھنواز جي ڳالھ ڪيو جيڪو منھنجو ڀاء ھو ليڊر ھو محب وطن ھو درگاھ تي ويھي سياست تي ڳالھائڻ نٿو چاھيان جنھن بعد گورنر سنڌ وڌيڪ سوالن جي جواب ڏيڻ بعير روانو ٿي ويو