موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس رولڙي جو شڪار: 9 مهينا گذرڻ باوجود مک جوابدار تاشقين عالم گرفتارنه ٿيو

جُون 24, 2023

نوشهروفيروز(رپورٽ: زاهد راڄپر) موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس رولڙي جو شڪار ٿي ويو آهي، 9 مهينا گذرڻ باوجود مک جوابدار تاشقين عالم گرفتارنه ٿيو هو پرڏيهه فرار ٿيل آهي جڏهن ته سندس گرفتاري بابت سنڌ حڪومت ڪوبه قدم نه کنيو آهي

تفصيل موجب موٽر وي ايم سڪس ميگا ڪرپشن ڪيس رولڙي جو شڪار آھي،  تقريبن 9 مھينا گذرڻ باوجود جاچ اڳتي نه وڌي سگهي آهي. سکر _حيدرآباد موٽر وي ايم سڪس جي زمين جي خريداري لاءِ آيل 3 ارب 61 ڪروڙ رپيا هڙپ ڪيا ويا

اينٽي ڪرپشن، نيب ۽ ايف آءِ اي پاران جدا جدا جاچ شروع ڪئي وئي، ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن پاران ڪيس به داخل ٿيل آھي

ڪيس جو مک جوابدار اڳوڻو ڊي سي تاشفين عالم پرڏيهه فرار ٿيل آهي سنڌ حڪومت کيس برطرف ته ڪيو آهي پر سندس پرڏيهه مان گرفتارڪري واپس کڻي اچڻ لاءِ ڪابه ڪارروائي يا رابطو نه ڪيو ويو اهي

گرفتار ٻين سرڪاري عملدارن خلاف محڪماڻي ڪارروائي نه ٿي، جڏهن ته رحمت الله سولنگي، خالد چنه، ٺارو پهوڙ، اڳوڻو مختيار ڪار ڀرياسٽي نياز اڄڻ ۽ ٻيا گرفتار ئي نه ٿيا آهن

ڪيس ۾ رستم کوسو، عزيز انصاري، مختيار ڪار شفيق سومرو، اسٽامپ وينڊر آفتاب سومرو، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر سجاد ميمڻ ۽ تپيدار غلام حقاني، سنڌ بئنڪ جو مينيجر مختيار چانڊيو، ذيشان لاڙڪ ۽ عطا محمد سهتو، اهم سياسي شخصيت جو فرنٽ مين عاشق ڪليري ۽ اڳوڻي ڊي سي تاشفين عالم جو سالو سعود جيل حوالي ٿيل آھن

ٻئي طرفموٽر وي ايم سڪس ميگا ڪرپشن ڪيس نيب پاران ڪيس جي حوالگي بابت اينٽي ڪرپشن ڪورٽ سکر ۾ ٻڌڻي ٿي

 نيب عدالت ۾ داخل درخواست ۾ استدعا ڪئي ته اربين روپين جي ڪرپشن آهي ان ڪري ڪيس نيب حوالي ڪيو وڃي ۽ مٽياري موٽر وي ايم سڪس ميگا ڪرپشن ڪيس جي جاچ پڻ نيب ڪري رهي آهي ان ڪري اينٽي ڪرپشن نوشهروفيروز واري ڪيس جي جاچ به حوالي ڪئي وڃي

عدالت درخواست ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي ٻڌڻي 5 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

 اينٽي ڪرپشن پوليس نوشهروفيروز جي جاچ آفيسر زمان اعواڻ جو موقف ھو ته اينٽي ڪرپشن بااختيار ادارو آهي جيڪو جاچ ڪري رهيو آهي ان ڪري نيب کي جاچ نه ڏيڻ بابت ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ جواب داخل ڪنداسين

 ھن چيو ته نيب پاران ڪيس جي حوالگي واري درخواست سبب ڪيس رڪيل آهي

Leave A Comment