موٽروي ڪرپشن ڪيس: نيب اڳڀرائي رپورٽ جمع لاءِ مهلت گهري ورتي

جُولاءِ 12, 2023

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ نوشهروفيروز مان گرفتار عاشق ڪليري ۽ ٺيڪيدار اخلاق شاهه جي ضمانت واري درخواست دوران نيب

پاران مھلت طلب ڪرڻ تي ٻڌڻي 19 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. ڪيس ۾ گرفتار عاشق ڪليري ۽ اخلاق شاهه وڪيلن معرفت ضمانت لاءِ ڌار ڌار درخواستون داخل ڪرايون هيون

 عاشق ڪليري جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته هو پلي بارگين لاءِ تيار آهي پر نوشهروفيروز وارو ڪيس حيدرآباد منتقل ٿيڻ باوجود نيب اڃا اڳڀرائي رپورٽ جمع ناهي ڪرائي ان ڪري سندس ضمانت واري درخواست تي به دليل ناهن ڏئي سگهيا

 جاچ آفيسر عدالت کي آگاهي ڏني ته انهن پيپر ورڪ مڪمل ڪري فائل لاڳاپيل عدالت کي اماڻيو آهي

 کين مهلت ڏني وڃي ته جيئن هو ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائي سگهن. ٺيڪيدار اخلاق شاهه جي وڪيل دعويٰ ڪئي ته سندس نالو ڪيس ۾ نه آهيچ

 پر نيب ڪنهن جي چوڻ تي تحويل ۾ ورتو هو. عدالت نيب جي استدعا بعد 7 ڏينهن لاءِ ٻڌڻي ملتوي ڪندي جاچ آفيسر کي ايندڙ هفتي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو

 واضح رهي ته ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ نيب جوابدار عاشق ڪليري ۽ ٺيڪيدار اخلاق شاهه کان ڪروڙين رپيا روڪ رقم ۽ لگزري گاڏيون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي

Leave A Comment