حيدرآباد (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ اسلام آباد مان گرفتار خانگي ٺيڪيدار جي پٽ ۽ سندس ڊرائيور کي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ٻيهر نيب حوالي ڪري ڇڏيو آهي
نيب رمانڊ پورو ٿيڻ بعد ٻنهي جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪري رمانڊ جي استدعا ڪئي. عدالت نيب جي استدعا بعد جوابدارن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي 25 جولاءِ تي کين ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو
نيب 11 ڏينهن اڳ جاچ ۾ شامل هڪ ٺيڪيدار جي پٽ رفيق سولنگي ۽ سندس ڊرائيور غلام حسين ڪورائي کي اسلام آباد مان گرفتار ڪري ڪراچي منتقل ڪيو جنهن بعد کين حيدرآباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪري شروعاتي طور 9 ڏينهن جو جسماني رمانڊ ورتو. نيب ذريعن جو چوڻ آهي
ته خانگي ٺيڪيدار منصوبي جي رقم ۾ ڪرپشن ڪئي جڏهن ته ان رقم مان سندس پٽ ۽ ڊرائيور جي نالي تي ملڪيت ورتي وئي آهي جنهن ڪري ٻنهي کي تحويل ۾ وٺي کانئن جاچ ڪئي پئي وڃي
جوابدارن جي وڪيل جي دعويٰ آهي ته ٻنهي ڄڻن کان نيب کي ڪجهه به هٿ ناهي آيو