موٽروي ڪرپشن ڪيس: ٺيڪيدار جو پٽ ۽ ڊرائيور جيل حوالي

جُولاءِ 25, 2023

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) موٽروي ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ اسلام آباد مان گرفتار خانگي ٺيڪيدار جو پٽ ۽ ڊرائيور جيل حوالي ٿي ويا آهن

 نيب رمانڊ مڪمل ٿيڻ بعد ٻنهي جوابدارن کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عدالت کين نيب جي تحويل ۾ ڏيڻ بدران جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو

 ڪجهه ڏينهن اڳ جاچ ۾ شامل ٺيڪيدار جي پٽ رفيق سولنگي ۽ سندس ڊرائيور غلام حسين ڪورائي کي نيب اسلام آباد مان گرفتار ڪري ڪراچي منتقل ڪيو. بعد ۾ ٺيڪيدار جي پٽ ۽ سندس ڊرائيور کان جاچ لاءِ کين حيدرآباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪري 2 ڀيرا رمانڊ پڻ ورتو

 نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته خانگي ٺيڪيدار منصوبي جي رقم ۾ ڪرپشن ڪئي جڏهن ته ان رقم مان پٽ ۽ ڊرائيور جي نالي تي ملڪيت ورتي وئي آهي جنهن ڪري ٻنهي کي تحويل ۾ ورتو ويو

 ٻڌايو پيو وڃي ته ٺيڪيدار رحمت الله سولنگي ۽ سندس پٽ رفيق سولنگي جا نالا ته ريفرنس ۾ شامل ڪيا ويا آهن پر ڊرائيور غلام حسين ڪورائي جو نالو نه هئڻ باوجود نيب جي تحويل ۾ هو جنهن کي عدالت هاڻي جيل اماڻي ڇڏيو آهي

Leave A Comment