لاهور (پنهنجي ڊيسڪ) هيلمٽ نه پائيندڙ موٽر سائيڪل سوان کي پيٽرول نه ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي، ڊپٽي ڪمشنر لاهور اهڙو حڪمنامو جاري ڪيو آهي
ڊپٽي ڪمشنر لاهور پاران جاري ڪيل حڪم بعد ضلعي حڪومت نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ پيٽرول جي فراهمي هيلمٽ سان مشروط ڪئي وئي آهي
ڊي سي لاهور رافعه حيدر چيو آهي ته پابندي تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو، موٽر سائيڪل تي هيلمٽ استعمال نه ڪرڻ سبب حادثن ۾ انساني جانيون ضايع ٿي وڃن ٿيون
ڊي سي چيو ته انساني جانيون بچائڻ لاءِ اهڙي پابندي لڳائي آهي، جيڪو موٽر سائيڪل سوار هيلمٽ نه پائيندو ان کي پيٽرول نه ملندو