ڪراچي / مٽياري(نمائندن وٽان) نيب اختيارين مٽياري موٽر وي اسڪينڊل جي مک ڪرداراسلم پيرزادو جي ڪراچي جي مخدوم بلاول هائوسنگ واري گهر تي ڇاپو هڻي 2 ڪروڙ 47 لک رپيا روڪ ۽ اهم دستاويز هٿ ڪري ورتا،
ذريعن موجب تازي ڇاپي بعد نيب پنهنجي جاچ جو دائرو وڌائي روينيو واري وزير مخدوم محبوب جي پي آر او مسرت جعفري ۽ ممتاز شاهه کي طلب ڪري ورتو آهي،
نيب ذريعن ٻڌايو ته مٽياري، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ وڌيڪ گرفتاريون ٿي سگهن ٿيون