| موٽر وي اسڪينڊل: رحمت سولنگي جو سئوٽن سان جهيڙو: هڪ زخمي: ڇاپو: ملازم سوگهو |
نوشھرو فيروز(رپورٽ: شبير اڄڻ) موٽر وي اسڪينڊلجي مک ڪردار پ پ اڳواڻ رحمت سولنگي جو سوٽن سان جهيڙو: هڪ زخمي: ڇاپو: ملازم سوگهو ، ڀريا ٿاڻي تي رحمت الله سولنگي، سندس ڀائرن حسين، نويد، نعمت الله سولنگي سميت 19 ڄڻن مٿان جھيڙي جو ڪيس داخل ڪرايو ويو، پوليس ٺارو شاھه ۾ وائيٽ ھائوس تي چڙھائي ڪري ھڪ ملازم کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته گاڏي ڪاھي وئي، رابطي تي ڊي ايس پي ڀريا منظور ليکي ٻڌايو ته رحمت اللھ سولنگي ۽سندن سوئٽن ۾زمين جي مالڪي تان تڪرار ھلندڙ ھو ، سندن ڳوٺ ۾ منھنجي نگراني ۾ انڪوائري رکيل ھئي ،انڪوائري دوران رحمت الله سولنگي ۽ سندس ڀائرن پنھنجن عزيزن مٿان حملو ڪري ڏنو ، جنھن ۾ محمد سولنگي زخمي ٿي پيو، جنهن بعد وڪيل شير محمد سولنگي جي فرياد تي حملي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي . اسان جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپو هڻي هڪ ملازم گرفتار ڪري پراڊو گاڏي تحويل ۾ ورتي آهي، ٻئي پاسي الزام ھيٺ آيل پ پ اڳواڻ رحمت سولنگي ٻڌايو ته منھنجي گھر ٻاھران 3 ايڪڙ زرعي زمين کي منھنجا سوٽ فصل ڪاھي رھيا ھئا، اسان انهن خلاف درخواست ڪئي ھئي ،انڪوائري دوران جھيڙو ٿيو، پوليس سوٽن جي ونگار وھندي منھنجي ۽ ڀائرن مٿان ڪيس داخل منھنجي گھر تي چڙهائي ڪئي اهي ھن چيو ته واقعي جي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي