موٽي لفظ سان چڙ سبب 30 ڪلو وزن گهٽايم: سوناڪشي 

موٽي لفظ سان چڙ سبب 30 ڪلو وزن گهٽايم: سوناڪشي 

ممبئي(ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪاره سوناڪشي سنها پنهنجي تازي رليز ٿيل فلم جي پروموشن ۾ مصروف آهي، ان موقعي تي هن پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي پنهنجي وزن گهٽائڻ جو اصل سبب پڻ ٻڌايو. سوناڪشي چيو ته آئون ننڍپڻ کان ئي ٿلهي هيس، مون ڪاليج دوران وزن گهٽائڻ جو سفر شروع ڪيو، انهي جو مقصد رڳو ڏيکاءُ نه هو، مون پنهنجي صحت جي بهتري لاءِ وزن گهٽايو،  آئون پاڻ به سٺي نظر اچڻ چاهيان ٿي، هن چيو ته آئون 18 سالن جي عمر ۾ ٽريڊمل تي 30 سيڪنڊن کان وڌيڪ نه ڊوڙي سگهيس، جنهن جو مون تي تمام گهڻو اثر پيو، پوءِ مون سوچيو ته آئون  غير صحتمند زندگي گذارڻ نٿي چاهيان. سوناڪشي سنها چيو ته مون وزن گهٽائڻ لاءِ يوگا، جم، ڪارڊيو، پائليٽس ۽ ٻيا سيشن ڪيا مون تقريباً 6 مهينا اڳ پائليٽس شروع ڪيا، مشينن تي هزارين ورزشون ڪري سگهجن ٿيون، انهي مان آئون ڪڏهن به بور نه ٿيندس. آئون هر روز ڪجهه نئون ڪري سگهان ٿي، مون کي پائليٽس ريفارمر تي ورزش ڪرڻ پسند آهي. هن چيو ته مون پنهنجو وزن 95 کان گهٽائي 65 ڪلوگرام تي پهچايو ڪيو. هن چيو ته 15 سالن جي فلمي ڪيريئر ۾ وزن برقرار رکڻ پڻ هڪ چيلنج آهي، خاص طور تي جڏهن توهان کاڌي جا شوقين آهيو. هن کلندي چيو ته ڪڏهن ڪڏهن وزن وڌڻ ڪري، منهنجي ڳورهاري هجڻ جا افواهه به گردش ڪندا رهيا، هن چيو ته آئون ٻين ڇوڪرين لاءِ هڪ مثالي رول ماڊل بڻجڻ چاهيان ٿي ۽ انهن کي صرف صحتمند رهڻ جي صلاح ڏيان ٿي