| ميئر جا اعلان اڌورا:ڪراچي گٽر نالي هڪ وڌيڪ بزرگ کان حياتي کسي ورتي |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميئر جا اعلان اڌورا:ڪراچي ۾کليل گٽر نالي هڪ وڌيڪ بزرگ کان حياتي کسي ورتي، ان ڏس ۾ريسڪيو ذريعن موجب بزرگ شهري ڪورنگي جي ڪٻڊي گرائونڊ ويجهو نالي ۾ ڪري فوت ٿي ويو. بزرگ شهري پنهنجي سائيڪل تي سامان کڻي اوندهه ۾ پيادل وڃي رهيو هو ته اوچتو توازن وڃائي نالي ۾ ڪري پيو. پوليس موجب فوتي جي سڃاڻپ ڪالي خان جي نالي سان ٿي آهي، فوتي زمان ٽائون سيڪٽر 34-3 جو رهواسي هو. پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي معلومات موجب حادثو گٽر نالي جي چوڌاري حفاظتي ڀت نه هجڻ سبب پيش آيو، ڪالي خان پنهنجن ٻارن سان گڏ مسواڙي گهر ۾ رهندو هو، سندس ٻه ڌيئرون ۽ ٻه پٽ آهن، شهري جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي،شهرين جو چوڻ هو ته گٽر نالي جي حفاظتي ڀت نه هجڻ سبب حادثو پيش آيو، لاڳاپيل اختيارين کي ڪيترائي ڀيرا آگاهه ڪيو ويو هو پر ڪو به قدم نه کنيو ويو.