ميئر جي چونڊ روڪرائڻ لاءِ پي ٽي آءِ جو عدالت سان رابطو

مَي 22, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ ميئر جي چونڊ روڪڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميئر جي چونڊ روڪڻ لاءِ پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي

وڪيل چيو ته درخواست داخل ڪرائڻ کانپوءِ يوسي چيئرمين کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي درخواست پي ٽي آءِ طرفان يو سي چيئرمين ذيشان زيب داخل ڪئي هئي

وڪيل چيو ته پي ٽي آءِ جا ڪيترائي اڳواڻ گرفتار ۽ لڪي ويا آهن پي ٽي آءِ خلاف ڪريڪ ڊائون 9 مئي کانپوءِ به جاري آهي

وڪيل چيو ته اهڙين حالتن ۾ ميئر شپ جي چونڊ جو اعلان ڪيو ويو آھي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي پي ٽي آءِ جا چاليهه کان وڌيڪ ڪائونسلر اليڪشن ۾ حصو نه وٺي سگهندا

عدالت چيو ته هن وقت يو سي چيئرمينن جي حلف برداري جو معاملو آهي، ميئر جي چونڊ ته پري آهي

عدالت پي ٽي آءِ جي وڪيل کان سوال ڪيو ته يو سي چيئرمين سڄي پارٽي جي نمائندگي ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟

عدالت چيو ته درخواست سان پارٽي جو اٿارٽي ليٽر به شامل ناھي ڪيو ويو، ايندڙ ٻڌڻي جي تاريخ بعد ۾ طئي ڪئي ويندي

Leave A Comment