سکر (رپورٽر) سکر ۾ ميئر ۽ ٻين جي حلف برداري تقريب لاءِ عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندي واڪنگ ٽريڪ تي اسٽيج ۽ پنڊال ٺاهڻ جون تياريون
اڄ ميئر ارسلان شيخ، ڊپٽي ميئر ڊاڪٽر ارشد مغل ۽ ٽن ٽائون ڪاميٽيز جا چيئرمين توڙي نائب چيئرمين عهدن جو حلف کڻندا
حلف برداري جي موقعي تي واڪنگ ٽريڪ تي جلسي جي اسٽيج ۽ پنڊال ٺاهڻ جون تياريون جاري آهن
سنڌ هاءِ ڪورٽ پبلڪ پارڪس ۽ گرائونڊس تي جلسا جلوس ۽ تقريبون منعقد نه ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو
ضلعي ڪائونسل سکر جي چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ٻين جي حلف برداري تقريب روهڙي ويجهو هڪ نجي هال ۾ منعقد ٿيندي