لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) ميئر لاڙڪاڻو به شهر جي مالڪي نه ڪري سگهيو، مک روڊ رستا گندي پاڻي ۾ ٻڏل، شهري پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا
ميونسپل ڪارپوريشن جي نااهلي سبب ايس ايس پي آفيس ڊگري ڪاليج روڊ تي گٽر اٿلي پوڻ ڪري گندو پاڻي روڊ تي تلاءُ جي صورت اختيار ڪري ويو، جنهن ڪري ايندڙ ويندڙ شهري سخت ڏکيائن کي منهن ڏيڻ لڳا
شهرين جو چوڻ آهي ته چونڊجي آيل نمائندن به شهر جي مالڪي نه ڪئي آهي، شهر جو مک ايس ايس پي آفيس ڊگري ڪاليج روڊ آهي جتي گٽرن جو گندو پاڻي بيهجي ويو آهي
شهرين ضلعي انتظاميا ۽ ميئر لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي گٽرن جو بيٺل گندو پاڻي نيڪال ڪرائي رهواسين کي سهولت فراهم ڪئي وڃي
ٻئي طرف ميونسپل عملي جو چوڻ آهي ته بجلي جي لوڊشيڊنگ هجڻ ڪري موٽر نه ٿو هلي نه ئي جنريٽر ۾ تيل آهي جيئن بجلي آئي ته روڊ تي گٽرن جو بيٺل پاڻي نيڪال ڪيو ويندو