ميئر پاران 4 جنوري تي ميراٿون “رن فار ڪراچي” جو اعلان 

ميئر پاران 4 جنوري تي ميراٿون “رن فار ڪراچي” جو اعلان 

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته 4 جنوري 2026 تي ڪراچي ۾ ميراٿون “رن فار ڪراچي” جو آغاز ڪيو پيو وڃي، جنهن جو مقصد شهر ۾ صحتمند سرگرمين کي هٿي ڏيڻ آهي. ڪراچي واسي انهي ۾ شرڪت ڪن ته جيئن دنيا ۾ ڪراچي جو وقار بلند ٿي سگهي. هن چيو ته ماضي ۾ نئين سال جي موقعي تي سي ويو کي بند ڪيو ويندو هو پر هن ڀيري ائين ناهي ٿيو، شهرين کليل نموني نئون سال ملهايو. بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ سائيڪل ريس به ڪرائي ويندي هن چيو ته پارڪن ۽ راندين جي ميدانن کي قبضا مافيا کان بچائڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويندا.