ميئر ڪراچي لاءِ مرتضيٰ وهاب ۽ حافظ نعيم الرحمان جا نامزدگي ڪاغذ منظور
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ لاءِ سرگرميون تيز ٿي ويون آهن، مرتضيٰ وهاب ۽ حافظ نعيم الرحمان جا ميئر لاءِ نامزدگي ڪاعذ منظور ٿي ويا آهن
جماعت اسلامي طرفان ڪراچي ميئر لاءِ نامزد حافظ نعيم الرحمان، سيف الدين ايڊووڪيٽ ۽ قاضي صدر الدين جنيد جا به نامزدگي ڪاعذ منظور ٿي ويا
رٽرننگ آفيسر پاران ميئر لاءِ مرتضيٰ وهاب ۽ ڊپٽي ميئر لاءِ پ پ جي نامزد اميدوار سلمان عبدالله مراد ۽ مرتضيٰ وهاب جي ڪورنگ جي اميدوار نجمي عالم جا به نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا
حافظ نعيم الرحمن چيو آهي ته سڀاڻي 6 يوسيز جا نتيجا سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪنداسين، اليڪشن ڪميشن کي معلوم ناهي ته مئنڊيٽ تي قبضو ۽ تڪبنديون تبديل ٿي رهيون آهن