ميئر ڪراچي ڪير؟ فيصلو 15 جون تي ٿيندو: پ پ ۽ جماعت ميدان تي لٿل

مَي 31, 2023

ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) ڪراچي جو ميئر ڪير؟ فيصلو 15 جون تي ٿيندو: پ پ ۽ جماعت اسلامي پاران  پنهنجو ميئر آڻڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

 عدالت پاران ڪراچي جي 6 يوسيز جا پڌرا ڪيل نتيجا پ پ جي حق ۾ اچڻ بعد پيپلز پارٽي جي مخصوص سيٽن سميت پارٽي پوزيشن 153، جماعت اسلامي جي 135، تحريڪ انصاف جي 60، نواز ليگ جي 9،  جي يو آءِ جي 4، ٽي ايل پي جون 3 سيٽون آهن جڏهن ته  4 آزاد اميدوارن ڪاميابي ماڻي ورتي آھي

ٻئي طرف پيپلز پارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر  ۽ صوبائي وزير سعيد غني دعويٰ ڪئي آھي ته  پ پ وٽ ميئر لاءِ گهربل  188 جو انگ پوروآهي،  نواز ليگ، جي يو آءِ، ٽي ايل پي  ۽ آزاد اميدوار پڻ اسانکي ووٽ ڪندا، پيپلز پارٽي سادي اڪثريت سان جيالو ميئر آڻيندي

 ھوڏانھن جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آھي ته  اسان پنھنجو مينڊيٽ چوري ٿيڻ نه  ڏينداسين، ان سلسلي ۾ جماعت اسلامي پاران سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن پڻ داخل ڪرائي آھي

 ذريعن موجب پيپلز پارٽي پاران هڪ ڀيرو ٻيهر جماعت اسلامي سان رابطو ڪري ڊپٽي ميئر جي آڇ ورجائي آھي

Leave A Comment