ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) ميئر ڪراچي ۽ ڊپٽي ميئر 10 ڏينهن اندر چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان اڻ چونڊيل ناهيون، ڪائونسلرن ميئر چونڊيو آهي
ڪراچي ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان 6 مهينا ايئن نه گذارينداسين، ڪنهن يونين ڪاميٽي تان چونڊ وڙهي قانوني گهرج پوري ڪنداسين
هن چيو ته 10 ڏينهن اندر اهو اعلان ڪنداسين ته ڪهڙي يوسي تان چونڊ وڙهون ٿا، هن چيو ته قانون موجب اليڪشن ٿي، ميئر ۽ ڊپٽي ميئر اسان کي چونڊيو ويو، اڻ چونڊيل چوڻ ٺيڪ ناهي
ميئر ڪراچي چيو ته شهر ۾ وال چاڪنگ ۽ پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي مڪمل طور پابندي هوندي، ڪراچي جون ڀتيون ۽ رستا اشتهارن لاءِ نه آهن
هن چيو ته سمنڊ جو پاڻي صاف ڪري استعمال جي قابل بڻايو ويندو، ايندڙ 100 ڏينهن ۾ شهرين کي تبديلي نظر ايندي، ڪم ڪرڻ جي نيت آهي ۽ ڪم ڪري ڏيکارينداسين
مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان تنقيد جو جواب ڪم سان ڏينداسين، ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد چيو ته گڏجي عوام جي خدمت ڪنداسين