ميئر ۽ چيئرمين 15 جون تي چونڊبا، جماعت اسلامي عدالت پهچي وئي

جُون 7, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين ۽ وائيس چيئرمينن جي چونڊ 15 جون تي ٿيندي، فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

صوبائي اليڪشن ڪمشنر ڊي جي رينجرز، آءِ جي سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ کي خط لکي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

اليڪشن ڪميشن جي خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 15 جون تي مختلف پارٽين جا اميدوار ھٿ مٿي کڻي ڪري ميئر ۽ ڊپٽي ميئر کي ووٽ ڪاسٽ ڪندا

چونڊ دوران ڪنھن به اڻوڻندڙ واقعي کي منھن ڏيڻ لاءِ سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا وڃن، سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وڃي

ڪراچي ۾ 26 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون وينديون جڏهن ته صوبائي اليڪشن ڪمشنر 19 جون تي ميئر ۽ ڊپٽي ميئرز کان حلف وٺندو

ڪراچي ۾ گرفتار نمائندن کي ووٽ لاءِ آڻڻ جو حڪم

اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ گرفتار مڪاني نمائندن بابت چيف سيڪريٽري سنڌ کي خط لکيو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن پاران چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ گرفتار چونڊيل مڪاني نمائندن کي پروڊڪشن آرڊر تحت ووٽ وجهڻ لاءِ حاضر ڪيو وڃي، سمورن نمائندن جي حاضري يقيني بڻائي وڃي

خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته صاف ۽ شفاف اليڪشن لاءِ سمورن چونڊيل نمائندن جي موجودگي جا انتظام ڪيا وڃن

ميئر چونڊيل هجڻ گهرجي: جماعت اسلامي پاران مڪاني قانون ۾ ترميم چيلنج

جماعت اسلامي ميئر جي چونڊ کان اڳ مڪاني ادارن واري قانون ۾ ترميم کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

درخواست ۾ چيو ويو آهي لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013، تحت ابتدائي مڪاني چونڊون مڪمل ٿيون، ساڳئي ايڪٽ تحت چونڊيل چيئرمين/ميئر اميدوارن حلف کنيا آهن

ترميمي ايڪٽ تحت، غير چونڊيل ماڻهن کي چيئرمين/ميئر، بڻائڻ جي منظور ڏني وئي آهي، لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ جي روح موجب ميئر کي چونڊيل نمائندن مان هجڻ گهرجي

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 90 کان 93 ۽ 129 کان 131 ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ڍانچي جي وضاحت ڪئي وئي آهي، غير چونڊيل ماڻهن کي ميئر/چيئرمين چونڊڻ آئين ۽ ميونسپل ايڪٽ جي روح جي خلاف هوندو

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته تازي ترميم تحت 24 مئي جو جاري ڪيل نوٽيفڪيشن غير قانوني قرار ڏنو وڃي، درخواست تڪڙي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪئي وڃي

Leave A Comment