“ميان تيري جانثار، بشير ميمڻ رائو انوار”، 8 فيبروري تي اهڙو سرپرائز ڏينداسين جو رائيونڊ لُڏي ويندو: بلاول ڀٽو زرداري

ڊسمبر 13, 2023

اسلام آباد/ گجرانوالا(بيورو/ م ڊ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 8 فيبروري تي اهڙو سرپرائيز ڏينداسين جو رائيونڊ لُڏي ويندو، ڪجهه پراڻا سياستدان سمجهن ٿا ته طاقت جو سرچشمو ڪنهن ٻئي هنڌ آهي پر اسين سمجهون ٿا ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي. هاڻي هي پنجون ڀيرو حڪومت گھري رهيو آهي، ٽي ڀيرا پاڻ ۽ چوٿون ڀيرو ڀاءُ وزيراعظم ٿيو، پنجون ڀيرو وزيراعظم ٿيو ته ڪهڙا ڦاڙها ماريندو.  اهڙن خيالن جو اظهار هن گجرانوالا ۾ پيپلز پارٽي جي ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو.  بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته  منهنجي جيڪا تربيت ٿي آهي ان ۾ نفرت ۽ گارگند شامل نه آهي. سندس چوڻ هو ته پراڻن سياستدانن سان اسان جو ڪو مقابلو ناهي. پ پ جو مقابلو غربت، بي روزگار ي۽ مهانگائي سان آهي. پ پ جي حڪومت آئي ته بينظير مزدور ڪارڊ فراهم ڪنداسين. جنهن ذريعي پينشن ۽ ٻارن کي تعليم ڏينداسين مزدور ڪارڊ سان علاج ۽ مالي مدد فراهم ڪنداسين. هن چيو ته روزگار ڏيڻ پ پ جو منشور آهي. اڄ به نعرو لڳندو آهي ته بي بي جو پٽ ايندو، روزگار کڻي ايندو. هن اعلان ڪيو ته بي آءِ ايس پي کي وڌائينداسين، عورتن جو فائدو ٻيڻو ڪنداسين. بلاول دعويٰ ڪئي ته پيپلزپارٽي ٻوڏ متاثرن لاءِ 20 لک گھر ٺهرايا. هوڏانهن پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين جي سوالن تي رائو انوار بابت چيو ته جن جو هو رانديڪو هو انهن ئي ان کي لانچ ڪيو، لياري جي ڪارڪنن هڪ نعرو ٺاهيو آهي “ميان تيري جانثار، بشير ميمڻ رائو انوار”.

Leave A Comment