ميان صاحب ! اوهان اڃا سبق ناهي سکيو: اختر مينگل جو نواز شريف کي خط، نگران وزيراعظم جي مقرري تي ڪاوڙ ظاهر

آگسٽ 13, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) بي اين پي سربراهه اختر مينگل جو ميان نواز شريف کي خط، نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي مقرري تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا

خط ۾ اختر مينگل چيو آهي ته ميان صاحب ! اوهان اڃا تائين سبق نه سکيو، نگران وزيراعظم جي نامزدگي واري فيصلي اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ وڌيڪ فاصلا وڌائي ڇڏيا

اختر مينگل نواز شريف کي خط ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي مقرريءَ تي خدشا ظاهر ڪري ڇڏيا، اختر مينگل خط ۾ چيو ته نگران وزيراعظم لاءِ اهڙي شخص جي نامزدگي ڪئي وئي، جنهن سان اسان لاءِ سياست جا دروازا بند ڪيا ويا، اوهان جي اهڙن فيصلن اسان جي وچ ۾ وڌيڪ فاصلا وڌائي ڇڏيا آهن

اختر مينگل چيو ته اهم فيصلن ۾ اتحادين کي اعتماد ۾ نه وٺڻ بداعتمادي کي هٿي ڏيندو، منهنجو هي پيغام 22 جولاءِ 2022ع جو تسلسل آهي، ڇاڪاڻ ته جن مسئلن جو ذڪر مون اڳ ڪيو هو، اهي گهٽجڻ بدران وڌي ويا

اختر مينگل چيو ته بلوچستان  جي صورتحال ساڳي جو ساڳي آهي، اڄ به جبري گمشدگيون جاري آهن، ڳالهين بدران بندوق جي زور تي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، بلوچستان جي آدمشماري 2 ڪروڙ 24 لک آهي، 73 لک آبادي گم ڪئي وئي

بي اين پي سربراهه چيو ته سياستدانن بدران اسٽيبلشمينٽ ۾ آس لڳائي رکڻ مسئلي جو حل ناهي، جيڪا حالت بلوچستان سان ٿي، اها ان جي قسمت پر حيرت ان ڳالهه تي آهي جيڪو اوهان سان ٿيو، ان مان اڃا تائين اوهان سبق نه سکيو، اسان کي جنرل ايوب کان وٺي جنرل مشرف تائين سڀ ظلم ياد آهن، پر اوهان جي جماعت مشرف جي سازشن ۽ غيرآئيني قدمن کي ايترو جلدي فراموش ڪري ڇڏيو

Leave A Comment