ميان صاحب رورل هيلٿ سينٽر ۾ رڳو هڪ ڊاڪٽر، دوائون اڻلڀ، مريض رلي ويا، شڪايتون

 ميان صاحب رورل هيلٿ سينٽر ۾ رڳو هڪ ڊاڪٽر، دوائون اڻلڀ، مريض رلي ويا، شڪايتون

ميان صاحب(ن پ ا(ميان صاحب رورل ھيلٿ سينٽرجو ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد اٻڙوپاران دورو ڪيو ويو، ان موقعي تي اسپتال ۾ موجود مريضن ۽ شھرين زبير احمد شيخ ،شڪيل ملڪ سميت ٻين ڊي سي شڪارپور کي شڪايتون ڪندي چيو ته اسپتال ۾ رڳو ھڪ ڊاڪٽر مقرر آھي،ليڊي ڊاڪٽر به موجود ناھي ،دوائون به نه ٿيون ملن،جنھن سبب مريضن کي علاج جي سھولت نه ٿي ملي ،اسپتال ۾ ايمبولينس جي سھولت به موجود ناھي، ڊي سي شڪيل احمد اٻڙو چيو ته اسپتال ۾ دوائون مھيا ڪري دوائن جي کوٽ ختم ڪئي ويندي ۽ غير حاضر رھندڙ ڊاڪٽرن سميت ٻئي عملي خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ اسپتال ۾ عملي جي کوٽ ختم ڪري جلد ڊاڪٽر  مقرر ڪيا ويندا. ھن اسپتال ۾ صفائي ،سٿرائي جو نظام بھتر نه ھئڻ تي صفائي جو نظام بھتر ڪرڻ لاءِ اسپتال جي انچارج کي ھدايتون ڪيون.ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور پوليو مھم جو به جائزو ورتو ۽ پوليو ٽيم جي انچارج ڊاڪٽر ماجد علي شيخ کي پوليو مھم جي حوالي سان ھدايتون ڏنيون ان موقعي تي ڊي سي شڪارپور طرفان ھڪ ٻار کي پوليو جا ڦڙا به پياريا ويا ٻئي طرف شھرين طرفان  1122 ايمبولنس سروس مھيا ڪرڻ سميت پبلڪ ھيلٿ کاتي جي نا اھلي بابت پڻ ڊي سي شڪارپور کي شڪايت ڪئي وئي ـ جنھن تي ڊي سي شڪارپور فوري طور نوٽس وٺندي لاڳاپيل اداري جي عملدارن سان رابطو ڪري شڪايتن جي حل جي يقين دھاني ڪرائي آھي .