ميان صاحب: شر ڪيهر ڌريون جهيڙي مان بيزار، ٺاهه تي راضي، سڀاڻي ڳالهيون

مَي 17, 2023

ميان صاحب لڳ 28 ورهين کان هلندڙ شر ڪيهر خوني تڪرار جو نبيرو ڪرڻ لاءِ ٻنهي ڌرين راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو، اڄ درگاهه ٻڍل فقير تي شر برادري جي  ڏاتاڻي پاڙي ۽ ڪيهر برادري جي عزيزياڻي پاڙي جي ڌرين ۾ فيصلو ٿيندو، شر برادري جا تڪرار ۾ 5 ماڻهو قتل ٿيل آهن ۽ ڪيهر برادري جا 3 ڄڻا پلاند ۾ قتل ڪيا ويا هئا، تڪرار جو فيصلو اڄ درگاھ ٻڍل فقير تي ثناءُ الله انڙ فقير جي سر پئنچي ۾ ٿيندو،

Leave A Comment