| ميان صاحب ويجهو 40 مينهون ڦر، مزاحمت تي ڌنار قتل، لاش قومي شاهراهه تي رکي ڌرڻو |
ميان صاحب (ن پ ا) ميان صاحب لڳ جهان واهه ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن طرفان ڳوٺ رئيس ڪرم علي چانڊيو تي چڙهائي ڪري ڌنار کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 40 کان وڌيڪ مينهون ڦر ڪيون، ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن ڌنار فداحسين پٽ رجب علي چانڊيو کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد 40 کان وڌيڪ مينهون ڪاهي فرار ٿي ويا، پوليس اطلاع باوجود واقعي واري هنڌ نه پهتي، قتل واقعي کان بعد مقتول جي وارثن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، چانڊيا برادري جي ماڻهن نواب خان چانڊيو، رجب علي چانڊيو، دلمراد چانڊيو سميت ٻين مقتول جو لاش جيڪب آباد – شڪارپور قومي شاهراهه تي همايون شريف ٿاڻي ڀرسان رکي احتجاج ڪندي روڊ بند ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته عبدالرحمان معرفاڻي ڌر جي 20 کان مٿي هٿياربندن ناحق اسان جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪري 40 مينهون ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت ڪرڻ تي ڌنار نوجوان فداحسين چانڊيو کي قتل ڪرڻ بعد مينهون ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين گرفتار ڪرڻ بعد ڦر ڪيل مينهون واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي. رابطو ڪرڻ تي جهان واھه پوليس ٻڌايو ته چانڊيا برادري ۽ معرفاڻي برادري وچ ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آھي جنهن جي نتيجي ۾ عبدالرحمان معرفاڻي جي ڌر جي هٿياربندن حملو ڪري مينهون ڦر ڪرڻ بعد مزاحمت تي نوجوان فداحسين پٽ رجب علي چانڊيو کي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن. مقتول جي وارثن رجب علي چانڊيو ، ڪرم علي چانڊيو چيو آھي ته اسان جو معرفاڻي، چانڊيا تڪرار سان ڪونه واسطو ناهي، معرفاڻين جو تڪرار ٻين چانڊين سان هلندڙ آهي اسان غريب آهيون اسان سان ظلم ٿيو آهي، انصاف ڪيو وڃي، آخري اطلاعن تائين قتل واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو ۽ پوليس ڪوبه جوابدار به گرفتار نه ڪيو هو.